سانگهڙ جي شهمير پنهور ڪالوني جي رهواسين ۽ سڄاڻ ڌرين جو ميونسپل انتظاميه سانگهڙ جي نااهلي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سانگهڙ جي شهمير پنهور ڪالوني جي رهواسين ۽ سڄاڻ ڌرين جو ميونسپل انتظاميه سانگهڙ جي نااهلي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو مظاهرين عبدالله پنهور ممتاز پنهور عامر راجپوت نواز ڪنڀر، جمال ماڃوٺي ۽ ٻين چيو ته 5 ڊسمبر تي ميونسپل عملي ڪتا مار مهم دوران شهمير پنهور ڪالوني ۾ ڪتا مار مهم دوران ميونسپل عملي جي لاپرواهي سبب غريب پورهيت جي ٻارڙي ڪوثر پنهور زهريلو رس گلو کائڻ ڪري فوت ٿي وئي سانگهڙ پوليس اسانجي فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري پنهجي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن کي اسين رد ڪيون ٿا هنن چيو ته ميونسپل جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او خلاف ڪيس داخل نه ٿيندو جدوجهد جاري رهندي

Read Previous

ڪشمور : گڊو ۾ شاهوالي پوليس خلاف احتجاج

Read Next

سڪرنڊ : سنڌ جو تاريخي ۽ منفرد حيثيت رکندڙ قديمي پئي ٻيلو جيڪو 5000 هزار کان ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي

Most Popular