ووٽ جو حق انهن صحيح ادا ناهي ڪيو، وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جا ماڻهون اڄ به بنيادي ۽ بلدياتي سهولتن کان محروم بڻيل آهن : ف ليگ

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاهه چيو آهي ته پ پ هميشه شهيدن جي نالي تي ووٽ حاصل ڪيو آهي پر ووٽ جو حق انهن صحيح ادا ناهي ڪيو، وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جا ماڻهون اڄ به بنيادي ۽ بلدياتي سهولتن کان محروم بڻيل آهن.ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي ڪري شهرين ۾ تمام گھڻي ڳڻتي پکڙيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر جي علائقي باگڙجي لڳ تماچاڻي ۾ منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، جلسي ۾ محمد پنجل مهر، حاجي محمد بخش مهر، علي بخش ۽ ٻين پاران تبديلي پسند پارٽي کي الوداع چئي برادري جي ماڻهن سميت فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي حقن لاءِ فنڪشنل ليگ ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هنن چيو آهي ته پ پ وفاق سان ملي ڀڳت ڪري سنڌ جي ٻيٽن جو سودو ڪيو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل سمجھون ٿا، هنن چيو آهي ته پير پاڳاري جي قيادت ۾ سنڌ جي دنگن ۽ ٻيٽن جي حفاظت اسان پاڻ ڪنداسين، ف ليگ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان کي فنڪشنل ليگ جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي جنهن هميشه عام ماڻهن جو آواز بڻجي سياسي ميدان ۾ ڀرپور نموني ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن سيد شفقت شاهه جي موجودگي ۾ ف ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

Read Previous

نوشهروفيروز : راڄپر برادري پاران سندن زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

Read Next

شيرازي گروپ جي سرواڻ سيد اعجاز شاه شيرازي جي ايصال ثواب لاء ڳوٺ خميسو خان پٺاڻ ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي

Most Popular