نوشهروفيروز : راڄپر برادري پاران سندن زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

نوشهروفيروز (ڊ ر) پڊعيدن جي ريشم گھٽي جي رھواسي راڄپر برادري پاران سندن زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر شوڪت علي راڄپر، لياقت علي، پرويز، غلام عباس راڄپر ۽ ٻين چيو ته سندن سئوٽ محمد رفيق راڄپر ۽ سندس پٽ سندن ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاء مختلف حربا استعمال ڪري رھيا آھن. ھنن چيو ته سندن گھرواريون پنھنجي اباڻي ملڪيت مان حصيدار آھن پر سندن سوٽ انھن کي پنھنجو حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناھن پر الٽو سندن ڪمايل ملڪيت مان حصو گھر رھيا آھن ۽ نه ڏيڻ تي کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھنن چيو ته ملندڙ ڌمڪين بابت عدالت به کيس تحفظ فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي پر سندن سئوٽ کين بنا جواز بدنام ڪري رھيو آھي. ھنن انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Read Previous

نوشهروفيروز: سنڌ سڀا جو لانگ مارچ نوشهروفيروز پهتو، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو، سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت کنڀيلن جي آزادي جو مطالبو

Read Next

ووٽ جو حق انهن صحيح ادا ناهي ڪيو، وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جا ماڻهون اڄ به بنيادي ۽ بلدياتي سهولتن کان محروم بڻيل آهن : ف ليگ

Most Popular