لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ علاج دوران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ علاج دوران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب نوجوان فوت. ان ڏس ۾ ڪالھ لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي ٽئنڪ چوڪ پاڙي جي رهواسي نوجوان صدام پٽ غلام مصطفيٰ سولنگي جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري سندس وارثن کڻائي سي ايم سي جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو، جتي نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو. ان موقعي تي نوجوان جي ڀاءُ عبدالرشيد سولنگي ۽ ٻين وارث احتجاج ڪندي ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي نوجوان صدام سولنگي کي دل ۾ سور پيو، جنهن کي اسان فوري طور تي کڻائي اسپتال آندوسين، جتي ڊاڪٽرن کيس غلط انجيڪشن لڳائي، جنهن سبب اسان جو نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن سنڌ حڪومت، صحت کاتي سميت ضلعي انتظاميه توڙي پوليس جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻو م پنهور اتحاد سنڌ مرڪز طرفان سانگهڙ جي معصوم ڪوثرپنهور جي خون سان انصاف لاء احتجاج

Read Next

لاڙڪاڻي : گذريل 10 ڊسمبر تي بااثرن جي تشدد توڙي تذليل جو شڪار ٿيل نوجوان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Most Popular