لاڙڪاڻي : گذريل 10 ڊسمبر تي بااثرن جي تشدد توڙي تذليل جو شڪار ٿيل نوجوان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ ڪانڌڙا اتحاد سنڌ جي سڏ تي ڪانڌڙا برادري طرفان گذريل 10 ڊسمبر تي بااثرن جي تشدد توڙي تذليل جو شڪار ٿيل نوجوان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ منظور احمد ڪانڌڙو، حافظ محمد اسلم ڪانڌڙو، عبدالجبار، نواب علي، حافظ ارباب ڪانڌڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 10 ڊسمبر جي ڏينهن صبح جي وقت شهر جي الله آباد پاڙي جي رهواسي بااثر فرمان ابڙو معمولي ڳالھ تان پنهنجي ساٿي جاويد کوکر ۽ ٻن پٽن سان گڏجي 22 سالن جي اٻوجھ نوجوان رستم ڪانڌڙو کي بدترين تشدد ڪندي کيس نازڪ هنڌ تي لٺ لنگهائي تذليل جو نشانو بڻايو ويو، جنهن عمل جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش اهڙي معاملي جو نوٽيس ورتو، جنهن جي حڪم تي ظالم شخص فرمان ابڙو ۽ سندس ساٿي جاويد کوکر مٿان ڪيس داخل ڪري کين لاڪ اپ ڪيو ويو، پر اهڙي واقعي ۾ ملوث ٻه ڄڻا اڃان آزاد آهن. هنن چيو ته بااثر فرمان ابڙو ۽ سندس ساٿي جاويد کوکر متاثر نوجوان رستم ڪانڌڙو جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن لاءِ اسان اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته واقعي ۾ ملوث ٻن ڄڻن کي به گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏئي متاثر نوجوان جي وارث کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ علاج دوران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب نوجوان فوت

Read Next

سانگهڙ سنڌ اسان جي پياري ڌرتيءَ ماءُ آهي ۽ سنڌ ڌرتي جي تحفظ لاءِ اسان هر وقت تيار آهيون

Most Popular