ايس ايس پي سکر به سماجي براين ۽ آڪڙا پرچي مافيه آڏو بيوس بڻيل شھرين ۾ مايوسي ڦھليل؛ ايماندار آفيسر مقرر ڪرڻ جي اپيل

سکر (خصوصي رپورٽر) ايس ايس پي سکر به سماجي براين ۽ آڪڙا پرچي مافيه آڏو بيوس بڻيل شھرين ۾ مايوسي ڦھليل؛ ايماندار آفيسر مقرر ڪرڻ جي اپيل ان حوالي سان سماجي اڳواڻن مولانا قادربخش محمد مراد خادم حسين ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سکر شھر سماجي براين ۽ آڪڙا پرچي جو ڳڙبڻجي چڪو آھي جنهن سبب روزانو بنياد تي چورين ؛ڦرن؛ جو آزار بڻجي ويو آھي ۽ سکر شھر ۾ هر روز ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون؛ ڪاريون سميت گهرن مان ڌاڙا ۽ چوريون ٿي رهيون آھن پر پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي هنن وڌيڪ چيو هڪ ئي مهيني ۾ سکر شھر مان اڍائي سوکان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ۽ ويهه کان وڌيڪ ڪاريون ۽ چورين ۽ ڦرن جو لاتعداد وارداتون ٿيو آھن پر پوليس جي مٿي تان جونء به نه چري آھي هنن چيو ته ڪرائيم جي اضافي جو ڪارڻ سماجي برايون ۽ آڪڙا پرچي آھي جنهن جي ڪري ڪرائيم ۾ اضافو پيو ٿيندو وڃي هنن انڪشاف ڪيو اي سيڪشن ٿاڻي جي بلڊنگ پٺيان ٽانگه اسٽينڊ؛ ڍڪ روڊ ؛ تي جوا ۽ آڪڙا پرچيء جاڊيلر ويهندا آھن جيڪي سکر شھر سميت ٻين علائقن کان جواري به جوا کيڏڻ ايندا آهن ۽ آڪڙا پرچي ۾ لکين روپين جا نمبر کيڏندا آھن ڪنهن جا انعام لڳندا آھن جيڪي هارائيندا آھن ته واپسيء ۾ موٽرسائيڪلون توڙي چوري ڪندا آھن جنهن جي ڪري ڪرائيم تي ضابطو نه پيو اچي هوڏانهن آڪڙا پرچي کيڏندڙ جوارين ٻڌايو ته آڪڙا پرچي نشي جيان عادي ٿي ويا آھيون پئسه نه هوندا آھن ته گهران سونا زيور سميت قيمتي سامان وڪرو ڪري به آڪڙا پرچي جوا کيڏندا آھيون سماجي اڳواڻ اسرار احمد چيو ته آڪڙا پرچي جي آڙ ۾ لکين روپين جي جوا کيڏي ويندي آھي ڪيترائي ماڻهو ڪنگال ٿي گهر وڪرو ڪري دربدر واري زندگي گذاري رهيا آھن پر پوليس ڪوبه ڪنٽرول ڪرڻ لاء عملي قدم نه کنيو آھي هن چيو آڪڙا پرچي مافيه ايس ايس پي سکر سميت پوليس آفيسرن کي هر پنڌرنهن ڏينهن لکين روپيه منٿلي ڏئي ضمير خريد ڇڏيندا اٿن جنهن کان پوء پوليس ڪاروائي ڪرڻ بدران سپورٽ ڪندي آھي سماجي اڳواڻن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر کان پرزور مطالبو ڪيو ته فورن آڪڙا پرچي سميت سماجي براين تي ضابطو آندو وڃي ۽ جوارين جي سپورٽ ڪندڙ پوليس آفيسرن کي هٽائي ايماندارفيسر مقرر ڪيا وڃن

Read Previous

سکر شھر سماجي براين ۽ آڪڙا پرچي جو ڳڙبڻجي چڪو آھي جنهن سبب روزانو بنياد تي چورين ڦرن جو آزار بڻجي ويو آھي

Read Next

سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي مٽياري پاران شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء بائو ديرو کان ريلي ڪڍي

Most Popular