سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي مٽياري پاران شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء بائو ديرو کان ريلي ڪڍي

مٽياري . رپورٽ . سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي مٽياري پاران شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء بائو ديرو کان ريلي ڪڍي مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري جي اڳواڻي ايس ٽي پي جو مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ . مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو . ضلعي صدر عبدالفتاح ڳاهوٽي . جسقم اڳواڻ نور محمد ڀينڊو . فنڪشنل ليگ اڳواڻ پير عبدالوهاب سرهندي . آواز حق اتحاد اڳواڻ لائق فقير ۽ سول سوسائٽي اڳوڻ رحمت الله ترڪ ڪري رهيا هئا مٽياري پريس ڪلب اڳيان ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ جي شعور ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ اڳواڻن جو قتل انتهائي خطرناڪ عمل آهي شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل کي مهينو پورو ٿي ويو آهي پر افسوس جو اڃان تائين پوليس سندس نامينيٽ ٿيل قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي انتهائي افسوس جي ڳالھ آهي جو سنڌ جي هڪ اهم پارٽي جو وائيس چيئرمين ائين روڊ تي شهيد ڪيو ويو ۽ سنڌ حڪومت اڃان تائين قاتلن جا پيرا لڪائڻ ۾ پوري آهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هڪ مهيني تائين قاتلن جي عدم گرفتاري جي ڪري اسان اهو چوڻ تي مجبور آهيون ته سنڌ حڪومت قاتلن جي پٺ ڀرائي ڪري رهي آهي اڳواڻن سنڌ حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي سندس چاليهي کان اڳ گرفتار ڪريو ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جام ڪري سگهنداسين اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري سمجهڻ جي حماقت ڪندڙ سمجهي ڇڏين ته شهيد جي قاتلن کي بخش نه ڪنداسين

Read Previous

ايس ايس پي سکر به سماجي براين ۽ آڪڙا پرچي مافيه آڏو بيوس بڻيل شھرين ۾ مايوسي ڦھليل؛ ايماندار آفيسر مقرر ڪرڻ جي اپيل

Read Next

ڪنڌرا جي ڀرسان ڪنڊڙي شاخ جي قريب ٽمونهن ڪنڌرا روڊ تي ڪار سان موٽر سائيڪل ٽڪرائجي وئي

Most Popular