عورت طرفان بابر اعظم مٿان لڳايل الزام عدالت ۾ ڪوڙا قرار ڏنا ويا

لاهور:   پوليس قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي عورت طرفان لڳايل الزام ڪوڙا قرار ڏئي ڇڏيا آهن. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي الزامن بابت جاچ آفيسر رپورٽ  سيشن ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. پوليس  رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورت جي الزامن ۾ ڪابه سچائي ناهي. 2017 ۾ عورت جو موقف ٻڌي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي وئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورت بابر اعظم جي خلاف ڪي به شاهديون ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي.  عدالت درخواست کي قانون جي روشني ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حاميزه نالي عورت  بابر اعظم تي الزام هڻندي چيو هو ته بابر مون کي ڪورٽ ميرج جي بهاني گهر مان ڀڄائي ويو هو ۽ مختلف جڳهين تي ڀاڙي جي گهرن ۾ رکندو رهيو.

Read Previous

لنڊن : چور گهر ٻاهران بيٺل مرسڊيز گاڏي جا سمورا پارٽس ڪڍي فرار

Read Next

افغان گادي واري شهر ڪابل ۾ ڌماڪي سبب نائب گورنر مارجي ويو

Most Popular