افغان گادي واري شهر ڪابل ۾ ڌماڪي سبب نائب گورنر مارجي ويو

ڪابل:   افغان گادي واري شهر ڪابل ۾ ڌماڪي سبب ڊپٽي گورنر محبوب الله محبي مارجي ويو.  برطانوي ميڊيا موجب ڪابل ۾ اڱاري تي ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪابل جو نائب گورنر ۽ ان جو سيڪريٽري مارجي ويا. جڏهن ته نائب گورنر جا ٻه محافظ به زخمي ٿي پيا آهن. برطانوي ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته  نائب گورنر جي گاڏي ۾ ڊيوائس لڳائي وئي هئي جنهن سبب ان جي گاڏي تباهه ٿي وئي. افغان ميڊيا موجب هينئر تائين ڪنهن به گروپ ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.  ان کان اڳ اڱاري جي ڏينهن ئي ڪابل ۾ هٿياربندن هڪ پوليس اهلڪار کي قتل ۽ ٻن کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو. مقامي پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته  اهو واقعو  صبح جو ساڍي ڇهين وڳي ان وقت پيش آيو جڏهن پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ هڪ جڳهه جمع ٿيا هئا.

Read Previous

عورت طرفان بابر اعظم مٿان لڳايل الزام عدالت ۾ ڪوڙا قرار ڏنا ويا

Read Next

جلسا نقصان نٿا ڏين ته سئنيمائن تي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي: عروه حسين

Most Popular