جلسا نقصان نٿا ڏين ته سئنيمائن تي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي: عروه حسين

لاهور: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار جوڙي عروه حسين ۽ فرحان ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر دوران پي ڊي ايم پاران جلسا ڪرڻ تي اپوزيشن اڳواڻن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي اداڪار ۽ گلوڪار فرحان سعيد طرفان اعليٰ اختيارين کي درخواست ڪندي ٽوئٽ ڪيو ويو ته جيڪڏهن مسلم ليگ(ن) جو جلسو نقصان ڏيندڙ ۽ ڪورونا جي پکيڙ جو سبب ناهي ته پوءِ ڪنسرٽس، شادين ۽ سئنيمائن تي پابندي ڇو؟  اداڪار وزيراعظم عمران خان، وزيراعظم جي صلاحڪار زلفي بخاري ۽ اينڪر وسيم بادامي کي ٽيگ ڪندي وڌيڪ لکيو آهي ته مهرباني ڪري  ڇا اوهان ماڻهو اختيارين کان پڇي سگهو ٿا؟ ڇو ته ان جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٻئي طرف گلوڪار فرحان سعيد جي گهر واري عروه حسين طرفان به پي ڊي ايم جي جلسي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن ٽوئٽر تي چيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ عالمي وبا جو استعمال نه ڪريان ها ته مان  پاڪستان ۾ پنهنجي رهيل سهيل حمايت کي محفوظ ڪري سگهيس ٿي اهو سڀ ظاهر ڪري ٿو ته هي ماڻهو ڪهڙي طرح اقتدار ۽ پئسي جو سوچيندا آهن جڏهن ته ان دوران عالمي بحران ۾ انسانيت وڌيڪ خطري ۾ آهي.  واضح رهي ته جلسن کان اڳ به فرحان سعيد طرفان هڪ ٻيو ٽوئٽ ڪيو ويو هو  جنهن ۾ اداڪار جو چوڻ هو ته هن ملڪ جي قسمت صرف عمران خان ئي تبديل ڪري سگهي ٿو.

Read Previous

افغان گادي واري شهر ڪابل ۾ ڌماڪي سبب نائب گورنر مارجي ويو

Read Next

ڪارو منهن ڪتي جو رٻ اوتري ئي اوتري.

Most Popular