خدمتِ انسانيت زندگيءَ جو اصول رهيو آهي جيڪو وڻڙن جي صحبت مان حاصل ڪيو : عطاءالله چانڊيو

سڪرنڊ رپورٽ اڪبرملا حاسپيشلائزڊ ڪمانڊوز ٽرينگ سينٽر سڪرنڊ جي ڪمانڊنٽ آفيسر ( ايس ايس پي) عطاءالله چانڊيو چيو آهي ته خدمتِ انسانيت زندگيءَ جو اصول رهيو آهي جيڪو وڻڙن جي صحبت مان حاصل ڪيو آهي اڄ ڀلي وڏي عهدي تي آهيان پر جذبو ساڳيو آهي هُو ڪمانڊو سينٽر تي سندس آفيس ۾ ٿيليسميا ڪيئر سينٽرنوابشاھ ۽ سڪرنڊ جي صحافين جي گڏيل وفد سان ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته ٿيليسميا جا مريض ٻار مدد جا مستحق آهن جن جي مدد اسان سڀني جي ذميواري آهي هُو جلد ٿيليسميا ادري جو دورو ڪندو ۽ ٿيليسميا جي ٻارن سان ملاقات پڻ ڪندو هن وڌيڪ چيو ته هو وفاقي اداري جو ملازم هئڻ ڪري ملڪ جي ٻين صوبن جي شهرن ۾ به ڊيوٽي ڪري چڪو آهي ڊي آئي جي ۽ اي آئي جي عهدن تي پڻ ڪم ڪيو آهي پر ترجيح ايمانداري ۽ خدمت رهي آهي سمورو وقت عزت سان گذاريو آهي هيئنر به ڪوشش آهي ته بهتر کان بهتر ڪرسيءَ جو حق ادا ڪري سگهون عطاءالله چانڊيو اهو به چيو ته فلحال ڪورونا جي ڪري سينٽر ۾ فورسز جا ڪلاسز بند آهن جنهن ڪري نفري ناهي جيئن ئي نئين نفري ايندي ته بلڊ ڊونيشن ڪيمپ جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو ڳالھ ٻولھ دوران ڪمانڊنٽ آفيسر اهو به ٻڌايو ته سندس خاندان اعليٰ تعليم يافته هئڻ سان گڏ ديندار پڻ رهيو آهي اسان به بنيادي ديني تعليم حاصل ڪري چڪا آهيون ڇاڪاڻ جو زندگي فاني آھي ڪجھ اهڙو ڪري وڃن جو آخرت ۾ به ڪم اچي وفد ۾ ٿيليسميا سينٽر جو مينيجر مجيب الرحمان خاصخيلي ، رضا محمد سيال ، غلام قادر چانڊيو ، گل محمد لغاري ، قاسم خاصخيلي ، دلدار چانڊيو ۽ قاضي جاويد سنائي شامل هئا

Read Previous

ڪشمور : اسلامي جمعيت طلبہ ضلع ڪشمور جي ڪارڪنن طرفان انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِاحتجاجي ريلي

Read Next

نوشهروفيروز ۾ پيپلز هاري ڪاميٽي جو شهيد راڻي جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء ڪارڪنن سان ميٽنگ ڪئي وئي

Most Popular