ڪشمور : اسلامي جمعيت طلبہ ضلع ڪشمور جي ڪارڪنن طرفان انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِاحتجاجي ريلي

ڪشمور(رپورٽر اعجاز احمد چنہ )ڪشمور ۾ اسلامي جمعيت طلبہ ضلع ڪشمور جي ڪارڪنن طرفان انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ قتل ٿي ويل نوجوان سيد طفيل ھاشمي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ علمدار چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي عامر ڀٽو ناظم اسلامي جمعيت طلبہ ضلع ڪشمور محمد عارف، زبير الاسلام چنا ضياء لرحمان بگٽي سراج احمد بجاراڻي سھيل احمد سولنگي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اسلامي جمعيت طلبہ جي فيسٽيول جي دوران سيد طفيل الرحمان ھاشمي کي مخالف تنظيم جي ڪارڪنن طرفان حملو ڪري قتل ڪيو جنهن جا قاتل ھڪ سال گذري وڃڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا ھنن اعلي اختيارين وزير تعليم پنجاب، آئي جي پنجاب ۽ چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ۽ يونيورسٽي جي انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو ته سيد طفيل ھاشمي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

Read Previous

ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان ايڊووڪيٽ ۽ اڳواڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي صاحب سان ملاقات ڪئي وئي

Read Next

خدمتِ انسانيت زندگيءَ جو اصول رهيو آهي جيڪو وڻڙن جي صحبت مان حاصل ڪيو : عطاءالله چانڊيو

Most Popular