آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس: مولانا فضل الرحمان جا پنج ويجها ساٿي نيب آڏو پيش

پشاور:   جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي خلاف مبينه ڪرپشن  ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ان جا 5 ويجها ساٿي قومي احتساب بيورو(نيب) پشاور جي آڏو پيش ٿيا. نيب ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جا پنج ويجها ساٿي خاص طور تي ابرار احمد، محمد جلال، دين محمد ۽ ابرار علي شاهه پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن. نيب ذريعن مولانا فضل الرحمان جي ويجهن ساٿين کي سوالنامو به ڏنو ويو آهي. نيب ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جي خلاف مبينه ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جاچ جاري آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ نيب مولانا فضل الرحمان جي ٻن ويجهن ساٿين گل اصغر ۽ نور اصغر کي به گواهه طور پيش ٿيڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو هو.  ذريعن موجب ٻنهي گواهن جو تعلق ڊيره اسماعيل خان سان آهي ۽ هو مولانا فضل الرحمان جي تمام گهڻا ويجها  آهن ٻئي گواهه پيءُ پٽ آهن.

Read Previous

اي پي ايس سانحي کان پوءِ سموري قوم گڏجي دهشتگردي کي شڪست ڏني: عمران خان

Read Next

وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: بلاول ڀٽو

Most Popular