وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي:   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته اسان سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.  سنڌ حڪومت ڇڏڻ جو اشارو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 31 جنوري تائين وزيراعظم عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻي ئي پوندي ٻئي صورت ۾ دمادم مست قلندر ٿيندو. صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته 31 ڊسمبر تائين سمورا ميمبر استعيفيٰ جمع ڪرائيندا.  پ پ چيئرمين چيو ته لاهور ۾ ڪامياب جلسو ٿيو. لانگ مارچ کي به ڪامياب بنائينداسين. اسان آمريت جو مقابلو ڪيو ۽ حڪومت کي به گهر  ڀيڙو ڪنداسين. هن جو چوڻ هو ته حڪومت دهشتگردن جي خلاف  ايڪشن ناهي ورتو. صرف اپوزيشن کي نشاني تي رکيو آهي.  بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيوته 16 ڊسمبر جي ڏينهن اي پي ايس سانحو ٿيو جيڪو ڏکوئيندڙ واقعو هو. اي پي ايس سانحي جا جوابدار ڪٿي آهن؟ هن چيو ته هن حڪومت اي پي ايس جي ٻارن کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي اسان ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

Read Previous

آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس: مولانا فضل الرحمان جا پنج ويجها ساٿي نيب آڏو پيش

Read Next

جوبائيڊن جي اچڻ کان وڌيڪ دهشتگرد ٽرمپ جي وڃڻ جي خوشي آهي: ايراني صدر

Most Popular