خانا بندوش واري زندگي گهاريندڙ بيگهر مسڪينن کي گهر اڏڻ لاء ذاتي طور هڪ ايڪڙ زمين تي کين سموريون سهولتون ڏئي آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

قاضي احمد ( رپورٽر علي نواز جتوئي ) قاضي احمد ۾ سماجي ڪمن جي حوالي سان نوجوان سماٽ اتحاد نالي سان جوڙيل تنظيم جي چيئرمين فقير حسين ڄام روحيل انڙ پاران قاضي احمد ۾ نادار .مسڪين .لاچار ۽ خانا بندوش معصوم ٻارڙن کي تعليم جهڙي زيور سان سوارڻ لاء اوپن ائير اسڪول قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي يو ڪي بيسٽ اين جي اوز جي سهڪار سان اسڪول قائم ڪيو ويندو هوڏانهن مذڪوره تنظيم جي چيئرمين پاران شھر جي خانا بندوش واري زندگي گهاريندڙ بيگهر مسڪينن کي گهر اڏڻ لاء ذاتي طور هڪ ايڪڙ زمين تي کين سموريون سهولتون ڏئي آباد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فقير حيسن ڄام روحيل انڙ چيو آھي ته ٻار اسان جي پاڪستان ۽ سنڌ جو مستقبل آھن ڪافي سارا ٻار جن کي مائٽ پڙھائڻ جي طاقت نه ٿا رکن کين ڇڏي ڏين ٿا اهي ٻارڙا پنڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا سندن کي تعليم نه ٿي ملي اسان ڪوشش ڪئي آھي ته اهڙن ئي ٻارن لاء تعليمي ادارو قائم ڪري کين مفت تعليم ڏياريون جيڪڏھن انهن ٻارڙن کي تعليم نه ملي ته اسان جو مستقبل اونڌاھو ٿي ويندو ,هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سماج ۾ اڇوت سمجهيو ويندڙ مسڪين ماڻھن لاء هي تنظيم اصل انهن لاء ئي جوڙي وئي آھي هر اوهو شخص جنهن جو ڪير به ناهي جنهن جو والي وارث ناهي ڪو بيمار پريشان حال يا بيروزگار آھي نوجوان سماٽ اتحاد اسان جوڙي ئي انهن لاء آھي پهرين فيز ۾ شھر جي ستن وارڊن ۾ بيهچ مسڪين لاچار ماڻھن ۾ سردي کان بچاءُ لاء ڪمبل, لويون ,جرسيون ,سوئيٽرز ,جيڪيٽ ورهايا آھن ٻئي فيز ۾ شھر اندر پنهنجي مدد پاڻ صفائي ڪرائڻ وارو عمل شروع ڪيو آھي صفائي واري عمل دوران سڀ کان اڳ انڙ محلي کان شروعات ڪئي آھي ڇاڻ ته اسلام ۾ به ائين آھي ته تبليغ پنهنجي گهر کان شروع ڪيو

Read Previous

علي ظفر خلاف مهم ۾ ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت ٻيا ڏوهي قرار

Read Next

قاضي احمد : قبائلي تڪرارن سبب قاضي احمد تعلقي اندر وڏي انگ ۾ انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجڻ لڳيون انصاف ۾ دير ڳوٺاڻن هٿيار کڻي ورتا

Most Popular