قاضي احمد : قبائلي تڪرارن سبب قاضي احمد تعلقي اندر وڏي انگ ۾ انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجڻ لڳيون انصاف ۾ دير ڳوٺاڻن هٿيار کڻي ورتا

قاضي احمد ( رپورٽر علي نواز جتوئي )قبائلي تڪرارن سبب قاضي احمد تعلقي اندر وڏي انگ ۾ انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجڻ لڳيون انصاف ۾ دير ڳوٺاڻن هٿيار کڻي ورتا قبائلي خوني جهيڙن ۽ تڪرار سبب سوين انساني جانيون موت جو شڪار ٿي رهيون آھن جهيڙيندڙ ڌرين جي خوني تڪرار جي نتيجي ۾ سوين گهرن ۾ ماتم ۽ سوڳ ڇانيل آھي تعلقي قاضي احمد جو پڻ آهي جتي قبائلي جهيڙن سبب امن جو پکي اڏامي ويو آھي انتظاميا هٿ وٺي امن کي تباه ڪيو آهي اهوئي سبب آهي جو قاضي احمد تعلقي ۾ مختلف مامرن تان هلندڙ جھيڙا قبائلي تڪرارن جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. خوني تڪرار جي صورت اختيار ڪري ويل جھيڙن ۾ پريا سهتا ، خاصخيلي , مهر ، ڪلوئي , چانڊيا، ٻگھيا ,گبول , رند ,چانڊيا ماڇي , ڏاهري، جتوئي ,راهو ,فُج,ڪوري , راهو,ڌاريجا ,کوسا,جوڻيجا , ڪلهوڙا ,ڪولاچي ,جوڻا ,کوسا آرائين برادري وچ ۾ ھلندڙ تڪرار سميت ٻيا ڪيترائي تڪرار شامل آھن جن ۾ قاضي احمد تعلقي اندر مختلف پوليس ٿاڻن جي حد ۾ واقع مختلف برادرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرارن جي نتيجي ۾ ڳوٺ حسو کوسو واسي علي مرتضي کوسو ,ڳوٺ امير بخش چانڊيو واسي مبين چانڊيو ,ڳوٺ بچو راهو واسي محمد عمر راهو ,بدرو راهو ,عيدن راهو ,,ڳوٺ علي خان فج مگسي واسي گلشير مگسي ,يوسف مگسي ,مولا بخش خشڪ ,ڳوٺ شير علي کوسو واسي صديق کوسو ,جوڻا موري ۾ واقع ڪلينڪ تي عطائي ڊاڪٽر ياسين ڪمبوھ,ڳوٺ مقيم ڏاهري واسي وجاهت ڏاهري ,ڳوٺ حاجي علي گل رند واسي عبدالغفار رند سميت ھيل تائين 23 کان وڌيڪ انساني جانين کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو آھي پر قانون جي رکوالن پوليس هن وقت تائين ڪيسن ۾ نامزد ڪيل جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت اڳيان پيش ناهي ڪري سگهي جنهن جي نتيجي ۾ اڪثر مقتولن جا وارث انصاف لاء در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آھن پر سندن جي ڪا به داد رسي ناهي ٿي سگهي انصاف جي اوسيئڙي ۾ اڄ به انتظار ۾ ويٺل آھن ,پوليس پاران عملي طور ڪردار ادا نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ تڪرار سالن کان هلندڙ آھن جيڪي اڃا تائين نبيرجي ناهن سگهيا ,ڪيتريون ئي انساني جانيون اجل جو شڪار بنجي ويون آهن ۽ ڪيترائي انسان معذور بنجي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ غريب ماڻهون جيڪي روز ڪمائي روز کائن اهي به گھر ويهڻ ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن اسڪول بند آھن ڳوٺن مان لڏ پلاڻ ڪري وڃڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ خالي ٿي ويا آھن هتان جي پوليس جهيڙن کي روڪڻ توڙي قتل وارن واقعن ۾ ملوث مک جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪو به لاڀائتو ڪردار ادا نه ڪرڻ سبب خوني جهيڙن جي باھ گهٽجڻ بدران اڃا وڌي پئي سياسي ڀوتارڪي ۽ وڏيري سياست صرف پنهنجي سياست چمڪائڻ ۽ ڪوڙي انا جي ڪري ڏوهارين جو ساٿ پيا ڏين، پر امن ڪرائڻ لاءِ ڪو به عملي قدم نـٿا کڻن.۽ وقت سر ڪارائتا فيصلا نه ٿيڻ ڪري نتيجي ۾ اڄ تائين مختلف قبيلن ۾ خوني جهيڙن سبب وڏي انگ ۾ قيمتي انساني جانيون موت جو کاڄ بڻيون

Read Previous

خانا بندوش واري زندگي گهاريندڙ بيگهر مسڪينن کي گهر اڏڻ لاء ذاتي طور هڪ ايڪڙ زمين تي کين سموريون سهولتون ڏئي آباد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

Read Next

ٺنڊوالهيار ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي

Most Popular