ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ نوشهروفيروز جي مختلف علائقن جو دورو

نوشهروفيروز ( ڊ ر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين اڄ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ نوشهروفيروز جي مختلف دڪانن، هوٽلن، مٺائي جي دڪانن، سينيٽري ۽ آئرن اسٽورن تي ڇاپا هنيا. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر الله واري چوڪ تي ايندڙ ويندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽرن کي به ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جو هدايتون ڏنيون ۽ خلاف ورزي ڪندڙن تي جرمانو ڪيو. جڏهن ته الڪوثر چوڪ تي مٺائي جي دڪان ، ديوان بيڪرز، جلباڻي موبائل مارڪيٽ، مين روڊ تي محمد آئرن اسٽور، سينيٽري اسٽورن ۽ ٻين دڪانن تي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف جرمانا ڪيا ۽ دڪان سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو . ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شهرين ۽ دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته هو لازمي ماسڪ استعمال ڪن. ۽ غير ضروري بازارن ۾ نه اچن ۽ پنهنجي هٿن کي صاف رکن. ان موقعي تي مجموعي طور 14 هزار 500 روپين جو جرمانو ڪيو ويو.

Read Previous

لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي آل ايمپلائيز طرفان 12 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهر

Read Next

درگاھ اڀن علي شاھ سرڪار جي روضي مبارڪ کي ڪشادو ڪرڻ لاء درگاه لڳ قائم غير قانوني دڪانن ۽ مانڊڻين کي ختم ڪرائڻ ۽ درگاه تي ڦڏو فساد ڪرائڻ جي ڪوشش

Most Popular