درگاھ اڀن علي شاھ سرڪار جي روضي مبارڪ کي ڪشادو ڪرڻ لاء درگاه لڳ قائم غير قانوني دڪانن ۽ مانڊڻين کي ختم ڪرائڻ ۽ درگاه تي ڦڏو فساد ڪرائڻ جي ڪوشش

ڪوٽڏيجي (رپورٽ مٺل گوپانگ ) درگاھ اڀن علي شاھ سرڪار جي روضي مبارڪ کي ڪشادو ڪرڻ لاء درگاه لڳ قائم غير قانوني دڪانن ۽ مانڊڻين کي ختم ڪرائڻ ۽ درگاه تي ڦڏو فساد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ قبضه مافيه گروپ جي اڳواڻ فقير قادر بخش ڪانڌڙو خلاف ايڪشن تي غور ويچار لاء اھم اجلاس گادي نشين مخدوم سيد ممتاز علي شاھ جھانيان جي صدارت ھيٺ ٿي گذريوجنھن ۾درگاه جي حصيدار فقيرن ۽ اڀن علي شاه ويلفيئر ايسو سي ايشن جي عھديدارن ۽ ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ گادي نشين مخدوم سيد ممتاز علي جھانيان درگاھ حضرت اڀن علي شاھ سرڪار جي متولي فقير اعجاز علي ڪانڌڙو ۽ درگاھ جي ٻين معزز حصيدارن فقيرن جنھن ۾ فقير درگاھي ڪنڌڙو فقير سليم فقير دريا خان فقيرذوالفقار فقيرعلي نواز فقيرمحمد نوازفقير سومرفقير وحيد فقيرسڌيرفقير ديدار فقير نادرفقير فقير عاشق علي ۽ درگاھ اڀن علي شاھ ويلفيئر جي صدر سيد امام علي شاھ بخاري جنرل سيڪريٽري فقير جاويد علي ڪانڌڙو سينئر نائب صدرفقير مسڪين علي ڪانڌڙو ۽ ٻين جي صلاح مشوري کان بعد۾ اعلان ڪيو ته درگاھ جي روزي مبارڪ تان غيرقانوني دڪان پڙيون نه ھٽائيندڙن ۽ اسان جي فيصلن ۽ انتظاميا جي ھدايتن تي عمل نه ڪندڙ قادر بخش ڪانڌڙو ولد دادن ڪانڌڙو کي درگاھ جي حصي مان خارج ڪجي ٿو ۽ سندس حصو سدس ڀاء فقير نور محمد ڪانڌڙو کي ڏجي ٿو اڄ کان قادر بخش ڪانڌڙو جو درگاھ اڀن علي شاھ سرڪار سان ڪوبه تعلق ناھي ۽ حڪومت ۽ انتظامياکان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور تي درگاھ تان غير قانوني قبضه دڪان ۽ پڙيون ختم ڪرايون وڃن ۽ ملوث قادر بخش ڪانڌڙو۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري جيل موڪليو وڃي ڇاڪاڻ ته قادر بخش ڪاندڙو اتي امن امان خراب ڪرڻ چاھي ٿو ۽ ھو ڪڏھن جعلي متولي ڪڏھن گادي نشين ته ڪڏھن اڀن شاه ويلفيئر جو صدر سڏرائي ٿو ان لاء اسان قانوني ڪاروائي جو حق محفوظ رکون ٿا جيڪڏھن پوليس ۽ انتظاميه بااثر قبضه گروپ خلاف ٽن ڏينھن تائين ڪابه قانوني ڪاروائي نه ڪئي ته انصاف لاء جلد سنڌ ھاء ڪورٽ سکر بينچ ۾ وينداسين ۔ ان موقعي تي اڀن شاه ويلفيئر ايسو سي ايشن جي صدر سيد امام علي شاه بخاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته درگاه مان خارج ٿيل قادر بخش ڪانڌڙو ھڪ شرپسند ۽ قبضه مافيا آھي ڪافي سالن کان درگاه تي غير قانوني اڏاوتون جن ۾ دڪان ۽ مانڊڻيون به شامل آھن اھي ختم ڪرڻ لاء تيار نه آھي جڏھن ته ڪافي سالن ڱان ئي انتظاميه کيس قبضه ختم ڪرڻ لاء صرف چوندي آئي آھي ۽ 2017 ۾ لکت ۾ ڏنو ته مان ڇھن مھينن اندر دڪان وغيره درگاه تان ھيٺ لاھيندس مگر ٽي سال گذري ويا پر ھن عمل نه ڪيو ۽ تازو وري ڊي ايس پي نارو وٽ لکت ۾ چيو ته جيڪو به فيصلو درگاه جو گادي نشين مخدوم سيد ممتاز علي سائين جھانيان ڪندو ان تي ھو عمل ڪندو مگر ان فيصلي ۾ شڪست کائي ويو ته ھن وري سازشون شروع ڪيون آھن جن کي ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسين ۽ ھن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي۔

Read Previous

ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ نوشهروفيروز جي مختلف علائقن جو دورو

Read Next

شهيد شاگردن جون تصويرون کڻي پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده آباد ريلي ڪڍي وئي

Most Popular