نوشهروفيروز: پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان زندهه آباد ريلي

نوشهروفيروز( ڊ ) پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان زندهه آباد بيسڪ آرگنائيزيشن ضلع نوشهروفيروز طرفان الله واري چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب نوشهروفيروز پهتي. ريلي جي اڳواڻي ضلعي چيئرمين محمد رفيق پنهور، فاروق ڏنگراچ، فيض محمد ملاح، شاهد منڱڻيجو، گلشير راڄپر، الطاف، دوست علي کوسو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم شاگردن پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪري پوري قوم کي دهشتگردي کان نجات ڏياري آهي. پوري دنيا اندر معصوم اسڪولي ٻارڙن کي رحم جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي پر 2014 جي حملي ۾ بزدل دهشتگردن انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيا آهن جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسڪولي ٻارڙن تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاهي تي لٽڪائي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي.

Read Previous

منگلي ٿاڻي جي حد ۾ منشيات سان ڀريل ٽرڪ گپ ۾ ڦاسڻ ڪري پوليس جي پت وائکي علائقي ۾ چوٻول آهن

Read Next

نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو

Most Popular