نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز (رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، سچل چانڈیو خالد تنیو ارشاد راجپر رمضان مگٹیجو میھر بھٹ ارشاد عباسی ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي جڏهن ته پئٿالاجسٽ، دل، سرجري، نڪ، گلي، گردن، الٽرا سائونڊ ۽ ڊائلاسز سينٽر ۾ پیثالاجست سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون اڻ لڀ آهن. بيمار مريضن کي ريفر ڪرڻ سميت مري ويندڙ مريضن جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ٿي ڏني وڃي پیٹرول ء مانی جی بل کوٹیشن زریعی ھژپ کیا پیا وجن هنن چيوته ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريل ٽراما سينٽر بابت اڃا تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي. هنن چيو ته اسپتال جو آپريشن ٿيٽر مڪمل طور تي ستن سالن کان بند آهي ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيا ڪيا وڃن. هنن چيو ته 31مھینن کان لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود به حڪمران سول اسپتال ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري مجبور ٿي شهرين رت جا ڏيئا ٻاري احتجاج ڪيو چوندیل نمائیندن جی درن تی درٹا ھنیا پر سنڌ حڪومت اڃا تائين تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽر انسٽال ڪر اسپتال کي اپ گريڊ ڪري سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ھنن اعلان کیو تہ 5 جنوری تی وزیر اعلی ھائوس آدو درٹو ھنیو ویندو

Read Previous

نوشهروفيروز: پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان زندهه آباد ريلي

Read Next

پاڪستان سعودي عرب کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر قرض ادا ڪري ڇڏيو

Most Popular