سنڌ جي سمورن ديني مدرسن ۾ تعليمي سرگرميون بند ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي:   سنڌ حڪومت  سموري صوبي جي مدرسن جون تعليمي سرگرميون فوري طور تي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي سمورن ديني مدرسن ۾ تعليمي سرگرميون تڪڙيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ گهرو وزارت سنڌ طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سمورن مدرسن ۾ تدريسي عمل فوري طور تي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته ڪورونا جي ٻئي لهر کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ 26 نومبر کان 10 جنوري تائين سرڪاري،  نيم سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.

Read Previous

پاڪستان سعودي عرب کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر قرض ادا ڪري ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات: مختلف معاملن تي خدشن جو اظهار

Most Popular