وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات: مختلف معاملن تي خدشن جو اظهار

عمران خان

اسلام آباد:   ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اعليٰ اڳواڻن وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جي دوران مختلف معاملن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.  رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي اعليٰ سطحي وفد وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، وفاقي وزير امين الحق ۽ حيدر عباس رضوي شامل هئا جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، علي زيدي ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل به ملاقات ۾ گڏ هو.  ملاقات دوران ملڪ ۽  سنڌ صوبي جي گڏيل سياسي صورتحال ۽ ڪراچي پيڪيج سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خالد مقبول صديقي وزيراعظم عمران خان سامهون گم ٿي ويل ڪارڪن، سياسي آفيس جي واپسي، ڪراچي پيڪيج ۽ ترقياتي ڪمن ۾ دير وارو معاملو اٿاري ڇڏيو. وزيراعطم چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان اسان جي اهم اتحادي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گم ٿي ويل ڪارڪن ۽ ايف آءِ آر جي حوالي سان گهرو وزارت معاملي کي ڏسي آئين ۽ قانون تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪري جڏهن ته ڪراچي پيڪيج ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان به صلاح مشوري لاءِ ايم ڪيو ايم کي به شامل ڪيو ويندو.

Read Previous

سنڌ جي سمورن ديني مدرسن ۾ تعليمي سرگرميون بند ڪرڻ جو حڪم

Read Next

شيخ رشيد اسلام آباد ۾ غير ضروري پوليس چيڪ پوسٽون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular