شاهه محمود قريشي جي اماراتي پرڏيهي وزير سان ملاقات

دبئي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي دبئي ۾ متحده عرب امارات (يو اي اي) جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي پاسن جي معاملن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وسيع ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ گهرا تاريخي ۽ برادراڻا لاڳاپا آهن، يو اي اي هر ڏکي گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.  پرڏيهي وزير پنهنجي اماراتي هم منصب کي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغنستان ۾ امن جي قيام جي حوالي سان هن وقت تائين سامهون ايندڙ مثبت اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي بابت اجلاس طلب ڪري ورتو

Read Next

ميمبرن جي استعيفائن کانپوءِ اسيمبلي نه هلي سگهندي: اياز صادق

Most Popular