وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي بابت اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان قومي ايئرلائن (پي آءِ اي) بابت اجلاس آڱاري تي گهرائي ورتو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر عشرت حسين، سيڪريٽري ۽ ڊي جي سول ايوي ايشن به شرڪت ڪندا جنهن ۾ وزيراعظم کي قومي ايئرلائن جي ڪارڪردگي ۽ پرڏيهي ايئرلائن کي روٽ ڏيڻ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن موجب پي آءِ اي جي چيف ايئرلائن کي روٽ ڏيڻ سان پي آءِ اي کي مالي خساري جو منهن ڏسڻو پوندو جڏهن ته ارشد ملڪ پي آءِ اي مٿان پابندين جو معاملو به کڻندو.

Read Previous

اداڪاري کانپوءِ يمنيٰ زيدي ڳائڻ به شروع ڪري ڇڏيو

Read Next

شاهه محمود قريشي جي اماراتي پرڏيهي وزير سان ملاقات

Most Popular