اسلام آباد: پوري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان هڪ ڏينهن ۾ 84 ماڻهو زندگي هارائي ويٺا جڏهن ته 2 هزار مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ 39 هزار 171 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ مجموعي ڪووڊ 19 ٽيسٽ جو انگ 62 لک 16 هزار 60 ٿي ويو آهي.