”ڀارت پاڪستان خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪ جي تياري پيو ڪري“

اسلام آباد   : پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته ڀارت، پاڪستان جي خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪ جي تياري پيو ڪري. هڪ پريس ڪانفرنس ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري جو چوڻ هو ته ڀارت، پاڪستان جي خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪ جي تياري پيو ڪري ۽ فوجي مهم جوئي لاءِ ٻاهرين طاقتن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، پاڪستان وٽ ڀارتي منصوبي جي اعتماد جوڳي ڄاڻ آهي پر پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن به ڀارتي مهم جوئي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت اڄ صبح لائن آف ڪنٽرول جي چري ڪوٽ سيڪٽر تي بنا سبب فائرنگ ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي گڏيل قومن جي فوجي مشن جي گاڏي کي نشانو بڻايو پر فائرنگ ۾ گڏيل قومن جا ٻئي اهلڪار محفوظ رهيا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارت جي جارحيت خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي ۽ هو انهن حرڪتن سان والاريل ڪشمير جي صورتحال تان دنيا جو ڌيان هٽائي نٿو سگهي، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمدر ۽ 2003 جي جنگ بندي بندوبستن جي پاسداري کي يقيني بڻائيندي گڏيل قومن جي فوجي مبصر مشن کي ايل او سي تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي.

Read Previous

ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ چوراسي ڄڻا فوت، ٻه هزار مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي

Read Next

ميهڙ : صالح شاخ ڳوٺ خيرو ڀٽي ۾ بجلي جي شارٽ ڪٽ مان پورهيت مسڪينن جي گهرن کي باھ لڳي وئي

Most Popular