ميهڙ : صالح شاخ ڳوٺ خيرو ڀٽي ۾ بجلي جي شارٽ ڪٽ مان پورهيت مسڪينن جي گهرن کي باھ لڳي وئي

ميھڙرپورٽر(ميربابا)ميهڙ لڳ صالح شاخ ڳوٺ خيرو ڀٽي ۾ بجلي جي شارٽ ڪٽ مان پورهيت مسڪينن اصغر کوسو بهادر کوسو ۽ مختيار کوسو جي گهرن کي باھ لڳي وئي جنهن جي باعث سندن 3 گهر سڙي خاڪ ٿي ويا ۽ سندن الھ تلھ سڙي ويو،جڏهن ته ان موقعي تي بهادر کوسو اصغر کوسو ۽ مختيار کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي يارنهن هزار تار اسان جي گهرن مٿان ڪري پئي جنهن جو اطلاع اسان واپڊا ڪي اين شاه جي عملي جي طرفان رکيل پرائيويٽ ڪم ڪندڙ علي نواز ڏيرو کي ڏنوسين مگر ان تار ڪون لڳائي ۽ بجلي اچڻ سان گهرن کي باھ لڳي وئي جنهن جي باعث اسان جا ٽي گهر سڙي خاڪ ٿي ويا جن۾ پيل ڀاڻ ساريون ھنڌ روڪ رقم 25 هزار جو سون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو،ان موقعي تي هنن وڌيڪ احتجاج ڪندي چيو ته اسان مسڪين غريب آھيون ۽ اسان جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آھي ۽ اسان پڌري پٽ تي ويٺا آھيون ۽ ڊي سي دادو ۽ ٻين اختيارين ک دردمندانا اپيل ڪيون ٿا ته اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي.

Read Previous

”ڀارت پاڪستان خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪ جي تياري پيو ڪري“

Read Next

سنڌ جي تاريخي شھر ڪوٽڏيجي جي مين تاريخي شھرڪوٽ بنگلو ۾ سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي

Most Popular