پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کان بچاءَ لاءِ 5 سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پياريا وڃن : پٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور

لاڙڪاڻو( رپورٽ دلبر شاهد) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کان بچاءَ لاءِ 5 سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پياريا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھ پنهنجي آفيس جي درٻار هال ۾ پوليو بابت هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ گذريل پوليو رائونڊ تي ويچاريو ويو، جڏهن ته ايندڙ پوليو رائونڊ متعلق پڻ حڪمت عملي جوڙي وئي. هن چيو ته ضلعي اندر هڪ ڏينهن کان پنجن سالن تائين عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري 11 کان 17 جنوري 2021ع تائين شروع ٿيندڙ مهم کي ڪامياب بڻايو وڃي ۽ ايس او پيز تحت سينيٽائيزر، ماسڪ ۽ سماجي فاصلن کي مدي نظر رکندي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ته جيئن ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي. هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته جيڪو عملو پوليو ڊيوٽي کان غير حاضر رهي ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هن پوليس عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏنيون ته اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ۽ پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضلعي جي سمورن شهرن، ڳوٺن، اسپتالن، بس اسٽينڊس، بازارن ۽ عام هنڌن تي پنجن سالن تائين عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن. گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کي چارٽن ۽ نقشن ذريعي بريفنگ ڏني.

Read Previous

ڊي ايس پي موٽروي پوليس سڪرنڊ ارباب زرداريءَ طرفان ڊرائيونگ قانونن جي پاسداري ۽ حفاظتي قدمن جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

لاڙڪاڻي شهر دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ پاڙي مان بيهوشي واري حالت ۾ 16 سالا نوجوان مليو

Most Popular