لاڙڪاڻي شهر دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ پاڙي مان بيهوشي واري حالت ۾ 16 سالا نوجوان مليو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ پاڙي مان بيهوشي واري حالت ۾ 16 سالا نوجوان مليو، جنهن کي علائقي واسين کڻائي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي نوجوان جو علاج ڊاڪٽرن طرفان هلندڙ آهي، جڏهن ته هٿ آيل نوجوان جي سڃاڻپ شهر جي ڀينس ڪالوني واسي عبدالجبار پٽ بدرالدين لاشاري طور ڪئي وئي، جنهن جي وارث کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو، جڏهن ته نوجوان جا وارث اسپتال پهتا جن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان عبدالجبار لاشاري نشو واپرائيندو هيو، جيڪو اڄ صبح گهر جو سامان وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتو خبر نه آهي ته هو مراد واهڻ پاڙي ۾ ڪئين پهتو آهي. هوڏانهن ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

Read Previous

پوليو هڪ موذي مرض آهي، جنهن کان بچاءَ لاءِ 5 سالن تائين عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پياريا وڃن : پٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور

Read Next

مٽياري : ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دلچسپ مقابله حسن شاھ ڄاموٽ اليون ڪامياب

Most Popular