لاڙڪاڻو: سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌي سميت 70 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو پنڌ مارچ قافلو لاڙڪاڻي پهتو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، ايوب ڪانڌڙو، فقير اعجاز ڳاهو، عاقب چانڊيو، فرحان مڱڻيجو، غلام رسول شر، عمران چاچڙ سنڌي سميت 70 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو پنڌ مارچ قافلو لاڙڪاڻي پهتو، جناح باغ اڳيان هڪ ڏينهن جو ڌرڻو، سياسي سماجي ڌرين ۽ کنڀيلن ماڻهن جي وارثن جي شرڪت، پنهنجن پيارن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. سنڌ سڀا اڳواڻن انعام عباسي، نور باگڙي، سنڌو امان چانڊيو، شازيا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ کنڀي گم ڪيل سنڌين جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ پنڌ مارچ قافلو لاڙڪاڻي پهچي جناح باغ اڳيان هڪ ڏينهن لاءِ ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي سياسي سماجي شخصيتن نواز خان زنئور، ناياب سرڪش، محمد علي خشڪ، زاهد بگٽي سميت لاڙڪاڻي واسين شرڪت ڪري گرفتار ڪري گم ڪيل سنڌين جي آزادي جو مطالبو ڪيو. سنڌ سڀا سرواڻ انعام عباسي خطاب ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو سياست جي ڌرتي آهي، تنهن ڪري کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي لسٽ ۾ عاقب چانڊيو، انصاف دايو، مرتضي جوڻيجو، فراز ۽ شيراز سومرو، نديم مگسي، نويد مگسي، فريد مگسي، ڪاشف ٽڳڙ سميت سڀ کان وڌيڪ لاڙڪاڻي جا نوجوان کنڀيل آهن. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کنڀيندڙن جي ساٿاري بڻيل آهي، پ پ لاشن تي سياست ڪئي آهي، اسان جو هي احتجاج کنڀيندڙن سان گڏ پنهنجي خاموش ٿي ويل قوم، قومي ۽ جهوري پارٽين خلاف به آهي جيڪي کنڀڻ واري غيرقانوني عمل تي پنهنجا چپ سبي ويٺل آهن. احتجاجي ڪيمپ ۾ موجود کنڀي گم ڪيل عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، وني فروا، ڀينرن رقيه چانڊيو ۽ شازيا چانڊيو چيو ته اسان سڀني جو سهارو عاقب چانڊيو ٻيهر کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي آزادي لاءِ روڊن تي ويٺل آهيون، عاقب کي آزاد ڪيو وڃي. کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو جي نياڻين ماروي ايوب، امام خاتون ۽ ڀيڻ حسينا خاتون ۽ پٽ ساجد ايوب چيو ته ڪيترن ئي سالن کان احتجاج پيا ڪيون پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، اسان جي پياري جو ڪو ڏوهه آهي ته اهو ٻڌايو وڃي يا کيس آزاد ڪيو وڃي. ڪيترن ئي سالن کان کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي ڀينرن اقصي ۽ افسانا دايو جو چوڻ هيو ته اسان هر روز پنهنجي ڀاءُ جي آزادي لاءِ دعائن سان گڏ احتجاج ڪيون ٿا پر اسان جون پڪارون ڪنهن جي ڪنن تي نه ٿيون پهچن، ڀاءُ جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو. کنڀيل فراز ۽ شيراز سومرو جي امڙ چيو ته سڌريل ملڪن ۾ رياست کي ماءُ جو درجو مليل آهي پر هن رياست مون ماءُ کي پيريء ۾ ٻچڙن جي جبري گمشدگي جا وڍ ڏنا آهن, کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسي جي پٽ نصيب کوسي، کنڀيل فرحان مڱڻيجو جي ڀاءُ امتياز مڱڻيجو، لالا عمران سنڌي جي ڀاءُ عرفان چاچڙ, کنڀيل شڪيل مگسي ۽ آفاق منگي جي وارثن ۽ قافلي جي پانڌيئڙن اصغر جمالي، اي ڊي راهمون، فرمان سهتو، شبير لغاري، ديوان سنڌي، عطاءُ الله سنڌي ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته راولپنڊي تائين پهچڻ کان اڳ اسان پنهنجي قوم اڳيان جبري گمشدگين جو ڪيس رکي وڃون ٿا، راولپنڊي پهچي پنهنجن پيارن جي آزادي تائين لڳاتار ڌرڻو هڻنداسين، جيڪو پيارن جي آزادي تائين جاري رهندو,

Read Previous

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي جي جهوني جيالي جو پارٽي قيادت طرفان سار نه لهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

ڊپٽي ڊائريڪٽر نرسنگ سنڌ خيرالنساء آغا خان اسپتال سان مِلی ايم او يو MOU تي سائن ڪئي

Most Popular