لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي جي جهوني جيالي جو پارٽي قيادت طرفان سار نه لهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي جي جهوني جيالي جو پارٽي قيادت طرفان سار نه لهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو. ان موقعي تي لاڙڪاڻي شهر جي ريلوي ڪالوني جي رهواسي پي پي جي جهوني جيالي ڪامريڊ الله بخش شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي وقت ۾ پارٽي اندر هڪ ئي قانون هوندو هيو، پر اڄ پيپلز پارٽي ۾ ٻٽو معيار پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ امير لاءِ هڪ قانون آهي ته غريب جيالن لاءِ ٻيو قانون مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن قانون تحت اسان جهڙن سچن جيالن کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي. هن چيو ته گذريل 22 ڏينهن کان وٺي مان بيمار ٿي هڪ بستري تي پيل آهيان، پر افسوس جو پارٽي جي ڪنهن به ذميوار مون مسڪين جي سار ناهي لڌي، جڏهن ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ويجهو رهندڙ پارٽي جا اڳواڻ کيس اسان کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پارٽي کي نقصان رسائي رهيا آهن، جيڪي چيئرمين جي حڪم کي به نه ٿا مڃن، ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي چيئرمين ڪجھ وقت اڳ نئون ديرو هائوس ۾ مون سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ هن مونکي پنهنجي گهرواري سان گڏ عمرو ڪرائي لاڙڪاڻي جي مقامي اڳواڻن کي حڪم ڏنو هيو ته جيالي کي رهڻ لاءِ گهر، علاج لاءِ خرچ ۽ هڪ عدد نوڪري پڻ ڏني وڃي، پر افسوس جو انهن اڳواڻن چيئرمين جي حڪم کي به ٿڏي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو اڪيلو پٽ پارٽي جو پرچم لڳائيندي بجلي جو ڪرڻ لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو، جڏهن ته مان ايم آر ڊي جي دور ۾ ڪيترائي سال جيل ڪاٽيندي پنهنجي جسم تي ڪوڙا پڻ کاڌا پر تنهن جي باوجود به پارٽي سان وفاداري ڪندو رهيس. هن پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو سميت ٻين اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته خدارا مون مسڪين جي سار لڌي وڃي.

Read Previous

پاڪستان مسلم ليگ ن ڊويزن لاڙڪاڻي طرفان شهر جي مقامي هوٽل ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو

Read Next

لاڙڪاڻو: سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌي سميت 70 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو پنڌ مارچ قافلو لاڙڪاڻي پهتو

Most Popular