نوابشاهه : مرحوم محمد قاسم چانڊيو جي چاليهي جي سلسلي ۾ ڳوٺ حاجي نواز چانڊيو ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) شيعه علماءِ ڪائونسل ڊويزن نوابشاهه جي صدر زوار محمد حسين چانڊيو جي وڏي ڀاءُ مرحوم محمد قاسم چانڊيو جي چاليهي جي سلسلي ۾ ڳوٺ حاجي نواز چانڊيو ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي مجلس کي شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان صوبي سنڌ جي سينئر نائب صدر علامه سيد اسد اقبال زيدي، ذاڪر اهلبيت زوار حسين انجم، امتياز علي چانڊيو، عطا حسين انقلابي ۽ ٻين خطاب ڪيو بعد مجلس عزا نياز تقسيم ڪيو ويو. ان موقعي تي غلام عباس سيال، سيد جعفر علي شاهه، طاهر علي مطهري، محمد پريل چانڊيو ۽ ٻين مومينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دُعا پڻ گهري وئي.

Read Previous

مٽياري : نوجوان ناري پسند جو پرڻو ڪندڙ الميناز شيخ ۽ ارشد شيخ تحفظ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو

Read Next

ملڪ ۾ معيشيت تباھ ٿي رهي آهي۔ ملتان ۽ لاهور ۾ پي ڊي ايم جا جلسا ڪامياب ويا آهن : سيد ناصر شاهه

Most Popular