ملڪ ۾ معيشيت تباھ ٿي رهي آهي۔ ملتان ۽ لاهور ۾ پي ڊي ايم جا جلسا ڪامياب ويا آهن : سيد ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽ۔راج ڪماراوڏ) مڪاني کاتي ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته ملڪ ۾ معيشيت تباھ ٿي رهي آهي۔ ملتان ۽ لاهور ۾ پي ڊي ايم جا جلسا ڪامياب ويا آهن۔ پي ڊي ايم جي لاهور جلسي کانپوء حڪمرانن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن۔ لاهور جي ڪامياب جلسي کانپوء وفاقي وزير توڙي صلاحڪار پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاء روزانو ٽيليوزن اڳيان اچي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن۔ سندس جو چوڻ هو ته لاهور جلسي کي ناڪام بنائڻ لاء شيخ رشيد وزارت داخلا جو قلم ڏنو ويو پر شيخ رشيد صرف کوکليون پيشنگويون ڪري ڪپتان کي خوش ڪندو آهي۔ سيد ناصر حسين شاھ لياري جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ کانپوء لياري زون ۾ سندس قائم ڪيل نئين ڪئمپ آفيس جي افتتاحي تقريب کانپوء صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو۔ سندس جو وڌيڪ چوڻ هو ته لياري پيپلز پارٽي جو قلعو آهي۔ 2018ع جي اليڪشن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مينڊيٽ کي چورايو ويو۔ اڄ به لياري واسي بلاول ڀٽو زرداري سان محبت ڪن ٿا۔ ايندڙ اليڪشن ۾ لياري ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي۔ سندس جو وڌيڪ چوڻ هو ته لياري ۾ جلد ميڊيڪل ڪاليج به قائم ڪيو ويندو۔ پيپلز پارٽي پنهنجي هر دور ۾ غريب عوام عوام کي روزگار ڏنو آهي ۽ ڪنهن کي بيروزگار ناهي ڪيو۔ هي واحد حڪومت آهي جنهن هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاھ هزار گهر ڏيڻ جو واعدو ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو۔ هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاھ هزار گهر ڏيڻ بدران ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ عوام کي بيروزگار ۽ پنجاھ هزار گهر ڏيڻ بجاء عوام کي بي گهر ڪيو پيو وڃي۔ ناصر حسين شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت ڪراچي ۾ بلڊر مافيا خلاف ڪاروايون جاري آهن۔ ايس بي سي اي ڪراچي اندر غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي ۽جلد ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف هڪ وڏو آپريشن شروع ٿيڻ وارو آهي۔ سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان ناصر شاھ جو چوڻ هو ته وقت کان اڳ سينيٽ اليڪشن ڪرائڻ غير آيني عمل آهي۔ ايم ڪيو ايم دهشتگرد تنظيم آهي۔ ماضي ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي واسين کي ٻوري بند لاش ڏنا هڪ آواز تي شهر بند ڪرائيندا هئا۔ ايم ڪيو ايم ميڊيا کي به يرغمال بڻائيندي هئي پر هاڻي اهو وقت گذري چڪو آهي پر پوء به ايم ڪيو ايم اندر دهشتگردي جي بدبو اچي رهي آهي۔ ايم ڪيو ايم ڪراچي پيڪيج تي ڪڏهن به وفاقي حڪومت کان وضاحت ناهي ڪئي۔ ايم ڪيو ايم صرف پنهنجي مفادن خاطر وفاقي حڪومت ۾ ويٺل آهي انهن جو ڪو به مستقبل ناهي۔

Read Previous

نوابشاهه : مرحوم محمد قاسم چانڊيو جي چاليهي جي سلسلي ۾ ڳوٺ حاجي نواز چانڊيو ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي

Read Next

خيرپور ناٿن شاھ اسٽيل مل کي خانگائڻ ۽ چار ھزار کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج مظاهرو

Most Popular