نوشهروفيروز : ڳوٺ ملوڪ شر ديھ خيرو ديرو جي رھواسين پاران سندن زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڳوٺ ملوڪ شر ديھ خيرو ديرو جي رھواسين پاران سندن زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن سيد نجيب شاھ، سيد رمضان شاھ، سيد ٻڍل شاھ، سيد ڪامل شاھ، سيد رفيق شاھ ۽ ٻين دانھيندي الزام ھنيو آھي ته اڳوڻو ايم اين اي سيد اصغر علي شاهه جي ڀاءُ سيد ابراھيم شاھ، ڪمدار ميھر علي سيال، نديم ميرجت، بھاول ميرجت، خدابخش سيال ۽ ٻيا سندن 504 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو. ھنن چيو ته ڄاڻايل زمين جو مورثي کاتو سيد ٻڍل شاھ جي نالي آھي ھاڻي ڄاڻايل بااثر ماڻھو ھٿياربندن کي ساڻ ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا. ھنن چيو ته ڪمشنر شھيد بينظير آباد سندن قانوني مدد ڪري رھيو آھي جنھن ڪري بااثر ماڻھو سندس ڪردار ڪشي ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته ساڻن ظلم ٿي رھيو آھي. ھٿياربند کين زمين آباد نه ٿا ڪرڻ ڏين ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنھن ڪري سندن زندگين کي خطرو آھي، ڇاڪاڻ ته ھٿياربندن 2018 ۾ به سندن ھمراہ سيد ملوڪ شاھ کي قتل ڪري چڪا آھن. ھنن چيو ته کين اڳوڻي ايم اين اي جي ظلمن مان بچائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

نوشهرو فيروز : پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن 2076 تعلقه ڀريا جو ڪنوينشن تعلقه اسپتال ۾ منعقد ٿيو

Read Next

ميھڙرپورٽر : حق فائونڊيشن جي چيئرمين سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي باني صدر،سماجي اڳواڻ حاجي عبدالشڪور ٻگھيو جي ٻي ورسي ميھڙ ۾ ملھائي وئي

Most Popular