ميھڙرپورٽر : حق فائونڊيشن جي چيئرمين سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي باني صدر،سماجي اڳواڻ حاجي عبدالشڪور ٻگھيو جي ٻي ورسي ميھڙ ۾ ملھائي وئي

ميھڙرپورٽر(ميربابا) حق فائونڊيشن جي چيئرمين سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي باني صدر،سماجي اڳواڻ حاجي عبدالشڪور ٻگھيو جي ٻي ورسي ميھڙ ۾ ملھائي وئي، ورسي تقريب جو آغار قرآن خواني ۽ خيرات جي ماني سان ٿي اديبن شاعرن ۽ صحافين پاران مرحوم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي مرحوم جي درجات جي بلندي لاء ڌڻي در دعائون گھريون ويون، دعائيا تقريب ۾ مرحوم حاجي عبدالشڪور ٻگھيو جي ڀائرن سينيئر سول جج روشن علي ٻگھيو ايڊووڪيٽ عبدالحليم ٻگھيو عبدالقيوم ٻگھيو پ ٽ الف اڳواڻ عبدالصمد ٻگھيو ايڊووڪيٽ ساجد چانڊيو محمد يوسف پنھور شاعر اديب مھراڻ ڌامراھو ايڊووڪيٽ عبدالصبور ٻگھيو ڊاڪٽر قمرالدين ٻگھيو صوفي سينگار علي چانڊيو عبدالخالق ٻگھيو محمد ٻگھيو شڪيل سومرو شرڪت ڪئي، ادبي ڪانفرنس ۾ مرحوم جي علمي ادبي سماجي ۽ صحافتي خدمتن تي مقالا پڙھيا ويا۽ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي حبيب حضوري آزاد انور ڪانڌڙو رياض چانڊيو عزيزالرحمن مھيسر شفيق احمد چنا ساجد چانڊيو عابد ڪلھوڙو احمد خان چانڊيو جوھر بروھي سميت عالمن اديبن صحافين شاعرن ۽ سماجي اڳواڻن کي ايوارڊ ڏنا ويا ۽ مرحوم عبدالشڪور ٻگھيو جي مضمونن ڪالمن شاعري ۽ تاثرات تي مبني ڪتاب ” سرھاڻ جا گيسو ” جي مھورت پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي ادبي مشاعرو پڻ ٿيو جنھن ۾ ذوالفقار گاڏھي محبوب ڏيپر عبد مگسي شميم سومرو عمران انجم صابر سيدپوري حزب الله ميھڙائي نديم سومرو معصوم بخاري فاروق سيال سجاد چانڊيو حاجي يونس ڇٽو منظور مولائي کوسو حصو ورتو مرحوم حاجي عبدالشڪور ٻگھيو جي خدمتن کي اجاڳر ڪندي حبيب حضوري آزاد انور ڪانڌڙو عبدالنبي ساريو رضوان گل پٺاڻ رياض چانڊيو نور نبي ٻگھيو بلاول ٻگھيو ساجد چانڊيو عبدالصمد ٻگھيو چيو ته حاجي عبدالشڪور ٻگھيو 33سالن جي ڦوھ جواني ۾ اسان کان وڇڙي ويو ليڪن ھو سوسال جي ڄمار جيترو علمي ادبي سماجي ۽ صحافتي ڪم ڪري ويو مقررين چيو ته حاجي عبدالشڪور ٻگھيو جھڙا ماڻھو مرڻا ناھن پر اھي صفئي ھستي تي سدائين سوڀارا رھندا حاجي صاحب ھڪ ئي وقت سماجي ورڪر به ھو ته بيباڪ صحافي به ھو ھو ھو ھڪ اڻ ٿڪ قومي ڪارڪن به ھو عبد الشڪور جھڙا انسان مرڻا ناھن جھڙي طرح مڌر ٽريسا عبدالستار ايڌي جھان خان کوکو ۽ ٻين سماجي خدمتگارن جو نالو زندھ آھي حاجي عبدالشڪور ٻگھيو جو نالو به زندھ جاودان رھندو پروگرام جي ڪاروائي عبدالصبور ٻگھيو ۽ وسيم نبي پنھور ھلائي.

Read Previous

نوشهروفيروز : ڳوٺ ملوڪ شر ديھ خيرو ديرو جي رھواسين پاران سندن زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو

Read Next

قاضي احمد: سکپور جاگير جي 1800 ايراضي ايڪڙ زمين مان 1500 ايراضي ايڪڙ زمين تي مڪمل طور بااثر ماڻھن جو قبضا برقرار

Most Popular