سجاول : ايس ايس پي سجاول الطاف حسين جي ھدايتن تي سجاول پوليس جي ڪاروائي ڀيڻ جي قتل ۾ ملوث سرواڻ مخدوم سميت رپوش ۽ منشيات فروش سميت ٽي ڄڻا گرفتار

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)ايس ايس پي سجاول الطاف حسين جي ھدايتن تي سجاول پوليس جي ڪاروائي ڀيڻ جي قتل ۾ ملوث سرواڻ مخدوم سميت رپوش ۽ منشيات فروش سميت ٽي ڄڻا گرفتار.ايس پي سجاول طرفان ايس ايڇ او جھوڪ کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان خبرموجب:ايس ايس پي سجاول الطاف حسين جي ھدايتن تي سجاول ضلعي ۾ رپوش ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروايون.ضلعي سجاول ۽ بدين ۾ قتل ۾ ملوث ۽ ڀيڻ کي قتل ڪندڙ سرواڻ ولد عبدالله مخدوم کي گرفتار ڪري ورتو.ٻنون ٿاڻي جي حد ۾ ڪيس ۾ رپوش جوابدار غلام قادر ۽ چوھڙجمالي ۾ الھڏنو کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو.مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس ترجمان ٻڌايو ته ڀيڻ جي قتل ۾ ملوث سرواڻ مخدوم بدين ۽ سجاول ۾ قتل ۽ اراده قتل جي ڪيسن ۾ ملوث آھي.سندس اڃا وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي.قاتل کي گرفتار ڪرڻ تي ايس ايس پي سجاول پاران تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.

Read Previous

سجاول: سجاول ۾ سنڌ جي مشھور شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين ساگراه ملهائي وئي

Read Next

سڪرنڊ : پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه سڪرنڊ طرفان پارٽيء جِي مرڪزي قيادت جي حڪم تي ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن لاء تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ جو اهتمام ڪيو ويو

Most Popular