سجاول: سجاول ۾ سنڌ جي مشھور شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين ساگراه ملهائي وئي

سجاول(ڊر) سجاول ۾ سنڌ جي مشھور شاعر بلاول اوٺو جي 75 هين ساگراه ملهائي وئي.
خبر موجب ٿر سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ارڏي ڏاهي مشھور شاعر بلاول اوٺو جي جنم ڏينهن تي سندس 75 هين سالگراه جي تقريب ۾ پريس ڪلب ٻيلو جي صحافين ۽ لاڙ سوشل نيٽورڪ طرفان ڪيڪ ڪاٽي ملهائي وئي جنهن ۾ پريس ڪلب ٻيلو جي صحافين بلاول اوٺو جي شاگرد صحافي ممتاز ڪنڀر پريس ڪلب جي صدر پريل گهوٽو خالد طاهراڻي معيز ميمڻ شعيب ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بلاول اوٺو سنڌ جو بهترين شاعر آھي سندس لکيل گيت فوزيه سومرو الهڏنو جوڻيجو سميت سنڌ جي سمورن فنڪارن ڳايا آھن هنن چيو ته بلاول اوٺي جي شاعري ۾ پيار محبت پاٻوه سمايل آھي سندس لکيل گيت عوام وڏي شوق سان ٻڌي ٿي هنن چيو بلاول اوٺو سنڌ جو اساسو آھي .

Read Previous

مٽياري : ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرون مٽياري فاروق احمد لغاري ضلعي ۾ پي پي ايل ۽ ٻين ڪمپنين پاران تعلقي مٽياري جي ڳوٺ سونو خان خشڪ ، صالح منڱريو ۽ بچل ڏيٿا ۾ تعمير ٿيندڙ نئين واٽرفلٽرپلانٽس جو تفصيلي دورو ڪيو

Read Next

سجاول : ايس ايس پي سجاول الطاف حسين جي ھدايتن تي سجاول پوليس جي ڪاروائي ڀيڻ جي قتل ۾ ملوث سرواڻ مخدوم سميت رپوش ۽ منشيات فروش سميت ٽي ڄڻا گرفتار

Most Popular