راڻيپور : نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو

راڻيپور رپورٽر نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سندس پٽ مھراڻ ڪمال کي برادري طرفان سندس والد جي پڳ ٻڌرائي وئي ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻيپور طرفان سندس تڏي تي اديبن جو ميڙاڪو ڪوٺايو جنهن ۾ منظور اڄڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻيپور جو سيڪريٽري ربنواز راز ، رمضان عباسي، سيد پياس علي شاھ ،نصير بزمي، نبي بخش پارس، وحيد ڄامڙو، شير گل ڄامڙو علمي ادبي سماجي تنظيم بزم گلڻ جو چيئرمين گلڻ ڄامڙو جنرل سيڪريٽري ڄام سوايو سميت اديبن شاعرن ۽ سماجي اڳواڻن ۽ انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين پاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي شخصيت تي ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو 48ع سالن جي ڄمار ۾ ھڪ صديء جيترو ڪم سرانجام ڏنو جيڪو عام ماڻهون نه ٿو ڪري سگهي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو جنم 1972ع ۾ ھڪ نيڪ انسان لونگ خان ڄامڙو جي گهر ۾ ٿيو پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو مان پرائي ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم پرائڻ لاء ڪراچي جي تعليمي ادارن مان ماسٽرس ۽ ٻيون ڊگريون حاصل ڪيون جنهن بعد 1998 ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو اھڙيء طرح زندگيء جا مرحلا طع ڪندي تعليمي ادارن ۾ مختلف عھدا ماڻيندو رھيو زندگي جي آخري حصي ۾ اسلاميه اردو يونيورسٽي ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب لاء ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ سنڌي ثقافت جا امر آواز، سنڌوء جا گيت ،لطيف ذھني چٽاڀيٽي، ڪچھرين جا مور ڳوٺ گلن محمد ڄامڙو ۽ ڪريم بخش ڪريم جو ڪلام ،سيد پير علي شاھ درازي جو ڪلام سميت ڪيترا ئي ڪتاب ۽ مقالا ،مضمون لکيائين ان کان علاوه ڪيترائي رسالا ڪڍيائين جنهن ۾ سرھاڻ پبليڪيشن ماھ روز ڪراچي ڪارونجهر کانسواء 1988ع ۾ ڳوٺ گل محمد ڄامڙو مان سلسليوار سرمست اخبار جا ڪيترائي پرچا شايع ڪرايائين جڏهن ته سماجي ڪمن ۾ تمام گهڻو اڳڀرو رھيو جنهن ۾ شاگردن کي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اسڪالرشپ مڃتا ايوارڊ ڏئي شاگردن جي ھمٿ افزائي ڪندو رھيو جنهن ڪري ڪيترائي شاگرد ڊاڪٽر انجنيئر بڻيا سندس اھڙين خدمتن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي ان موقعي تي رمز علي ڄامڙو ، منير احمد ڄامڙو ، رفيق احمد ڄامڙو، اسلم ٻڌ ، غلام رضا ڄامڙو ، دائود بروھي، مير محمد چاچڙ، سميت برادري جي سوين ماڻهن ٽيجهي ۽ پڳ جي رسم ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻيپور جي اديبن پاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي پڳدار پٽ مھراڻ ڪمال کي قلم ھٿ ڏئي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي قلمي پورھئي جي پارت ڪئي آخر۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي وارثن پاران ايثال ثواب خاطر خيرات في سبيل الله قرآن خواني جو احتمام ڪيو ويو ۽ دعا مغفرت گھري وئي

Read Previous

سڪرنڊ : پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه سڪرنڊ طرفان پارٽيء جِي مرڪزي قيادت جي حڪم تي ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن لاء تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ بلڊ ڊونيشن ڪئمپ جو اهتمام ڪيو ويو

Read Next

میرپورخاص : روٽر آرگنائيزيشن ۽ انڊس اسپتال ريجنل بلڊ سينٽر ڄامشورو جي تعاون سان ٿيليسيميا ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن جي لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي

Most Popular