میرپورخاص : روٽر آرگنائيزيشن ۽ انڊس اسپتال ريجنل بلڊ سينٽر ڄامشورو جي تعاون سان ٿيليسيميا ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن جي لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي

میرپورخاص ( شاہزیب خاصخیلی ) روٽر آرگنائيزيشن ۽ انڊس اسپتال ريجنل بلڊ سينٽر ڄامشورو جي تعاون سان ٿيليسيميا ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن جي لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي، ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارڙن لاءِ رت جو عطيو ڏئي انهن جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻي سگهجي ٿي، روٽيرين هارون کهتري . تفصيل موجب روٽر آرگنائيزيشن ۽ انڊس اسپتال ريجنل بلڊ سينٽر ڄامشورو جي تعاون سان ٿيليسيميا ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن جي لاءِ هڪ روزه رت عطيو ڪرڻ جي ڪيمپ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪينڊري اسڪول ميرواه ۾ لڳائي وئي، هن وقت ٿيليسيميا جي مريضن کي رت جي تمام گهڻي ضرورت آهي، انهي موقعي تي سماجي اڳواڻ هارون کهتري جو چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ڦهلجڻ کي روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون لڳل آهي جنهن سبب ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارڙن تائين رت پهچي نه پئي سگهي جنهن سبب انهن جون زندگيون خطري ۾ آهن، انهي سلسلي ۾ ميرپورخاص سميت مختلف شهرن ۾ ٿيليسيميا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا مريضن لاءِ رت جمع ڪرڻ جي هي پنجين ڪيمپ جيڪا ميرواه گورچاڻي ۾ لڳائي وئي آهي انهن اپيل ڪندي چيو ته هن ڀلائي جي ڪم ۾ وڌ کان وڌ حصو ملايو وڃي ته جئين معصوم ٻارڙن جون حياتيون محفوظ بڻائي سگهجن، ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ لڳل ڪيمپ ۾ شهر جي مختلف شخصيتن جن ۾ شجاع آباد پريس ڪلب ميرواه جي صدر محمد اسماعيل خلجي، مدرسي اشاعت القرآن جي مولانا زاھد، رضوان آرائين، ارشد علي رستماڻي، ڊاڪٽر دانش، محمد فيصل، پاران رت جو عطيو پڻ ڏنو ۽ ماڻهن کي پڻ ڪيمپ ۾ پڻ آندو جن رت جو عطيو ڏنو، انهي موقعي تي انهن جو چوڻ هو ٿيليسيميا جي مريضن کي بار بار رت جي ضرورت پوندي آهي، ڪمزور جسم رکندڙ ٻار نه رانديون ڪري سگهن ٿا نه وري اسڪول ۾ وڃي سگهن ٿا، ڪيمپ ۾ شهر جي معزز شخصيات سابق جيالو ڪائونسلر چوڌري منير آرائين، ايم ڪيو ايم پاڪستان ميرواه جي سيڪٽر انچارج رانا اسحاق، روٽريڪٽرز مظفر احمد شيخ، رضا حسين مري، سابق وائيس چيئرمين حاجي علي احمد گورچاڻي سميت ٻين پڻ دورو ڪيو، ڪيمپ جي اختتام تي هارون کهتري انڊس بلڊ سينٽر اسپتال جي ٽيم ۽ شجاع آباد پريس ڪلب ميرواه جي صدر محمد اسماعيل خلجي، ارشد علي رستماڻي، امجد علي رستماڻي، مولانا زاهد، رضوان آرائين سميت ٻين جا ٿورا مڃا جن هن ڪيمپ لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ جن رت جو عطيو ڏنو.

Read Previous

راڻيپور : نامور اديب محقق ڏاھي انسان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ٽيجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ٿي گذريو

Read Next

ڳڙھي خيرو :قومي عوامي تحريڪ پاران شھر ۾ بنيادي سهولتون نہ ملڻ خلاف ھڪ سال کان احتجاجي هلندڙ تحريڪ جاري

Most Popular