ڳڙھي خيرو :قومي عوامي تحريڪ پاران شھر ۾ بنيادي سهولتون نہ ملڻ خلاف ھڪ سال کان احتجاجي هلندڙ تحريڪ جاري

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)قومي عوامي تحريڪ پاران شھر ۾ بنيادي سهولتون نہ ملڻ خلاف ھڪ سال کان احتجاجي هلندڙ تحريڪ جاري, سوئي گئس، نادرا آفيس، ڊگري ڪالج ۽ واٽر سپلاءِ جي سهولت ڏني وڃي.اڳواڻ تفصيل موجب قومي عوامي تحريڪ پاران شھر ۾ بنيادي سهولتون نہ ملڻ خلاف ھڪ سال کان احتجاجي هلندڙ تحريڪ جاري، سوئي گئس، نادرا آفيس، ڊگري ڪالج ۽ واٽر سپلاءِ جي سهولت نه ملڻ خلاف جبار سنڌي، گل مصطفي ۽ اشرف پنهور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سنڌ بلوچستان بارڊر تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان جو احتجاج گذريل ھڪ سال کان وٺي جاري آھي، پر افسوس ھتان کان چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي اسانجا مسئلا حل ڪرڻ تہ پري جي ڳالهه پر مسئلا ٻڌڻ لاء بہ تيار ناهن، هنن وڌيڪ چيو ته ڏھن سالن کان شھر ۾ گئس ناهي جڏھن ته سيارو اچڻ سبب ڪاٺيون به نه ٿيون ملن جنهن ڪري عذاب کي منهن ڏئي رهيا آھيون، واٽر سپلاء نه هجڻ ڪري مهانگي رقم تي پاڻي پيا ڀرايون ڊگري ڪالج نه هجڻ سبب نوجوانن تعليم بجاء سماجي براين ڏانهن راغب پيا ٿين نادرا آفيس نه هجڻ ڪري ھتان جا شھري شھدادڪوٽ لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن، هنن چتاء ڏنو ته اسان جا مطالبا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪب آباد تائين پيادل مارچ ڪندا سين مظاهري ۾ پرويز علي، خان محمد، اعجاز، جاويد ۽ عبدالرحمان سميت ڪيترائي ڪارڪن شامل هئا جن ڳولهي ڏيو ڳولهي ڏيو ايم پي اي ايم اين اي ڳولهي ڏيو جا نعرا پڻ هنيا.

Read Previous

میرپورخاص : روٽر آرگنائيزيشن ۽ انڊس اسپتال ريجنل بلڊ سينٽر ڄامشورو جي تعاون سان ٿيليسيميا ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن جي لاءِ ڪيمپ لڳائي وئي

Read Next

ڳڙھي خيرو : آل سنڌ ريٽائرڊ ملازم ويلفيئر ايسوئيشن طرفان ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي گذري

Most Popular