نوابشاهه: ھالاڻي ٿاڻي جي ڳوٺ مير محمد سيال جي رھواسي بابر علي سيال ۽ سھيل احمد سيال نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) ضلع نوشهروفيروز جي ھالاڻي ٿاڻي جي ڳوٺ مير محمد سيال جي رھواسي بابر علي سيال ۽ سھيل احمد سيال نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مبينا طور تي پ پ ايم اين اي سيد ابرار شاهه تي الزام لڳائيندي چيو ته پ پ ايم اين اي اسان جي ذاتي 61 ايڪڙ زرعي زمين ڦٻائڻ لاءِ اسان جي لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پ پ ايم اين اي جعلي ڪاغذن وسيلي اسان جي 21 ايڪڙ زرعي زمين پنھنجي من پسند ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي جنهن جو ڪيس اسان سول ڪورٽ ۾ داخل آھي جنھن تان ايم اين اي سيد ابرار شاهه مڇرجي پيو آهي ۽ 8 ڊسمبر تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او ھالاڻي سان گڏ پنھنجي ماڻھن فيض انڙ ۽ حسين سھتو سان گڏ اسان جي زمين تي چڙھائي ڪري منھنجي ڀاءُ ڪامران سيال کي اغوا ڪرائي گم ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسان تي پوليس جي معرفت 3 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن ۽ اسان کي ايم اين اي ابرار علي شاہه ۽ نوشهروفيروز پوليس ظلمن جي انتھا ڪري ڇڏي آهي اسان جو پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو آھي ته اسان جي زمين تان قبضو خالي ڪرائي منھنجي اغوا ٿيل ڀاءُ کي بازياب ڪرايو وڃي.

Read Previous

ڳڙھي خيرو : آل سنڌ ريٽائرڊ ملازم ويلفيئر ايسوئيشن طرفان ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي گذري

Read Next

پ پ يوٿ ونگ ضلعي شهيد بينظير آباد جي نائب صدر اظهر حسين زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلزسيڪريٽريٽ نوابشاهه ۾ 27 ڊسمبر جي حوالي سان اهم اجلاس ٿي گذريو

Most Popular