پ پ يوٿ ونگ ضلعي شهيد بينظير آباد جي نائب صدر اظهر حسين زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلزسيڪريٽريٽ نوابشاهه ۾ 27 ڊسمبر جي حوالي سان اهم اجلاس ٿي گذريو

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) پ پ يوٿ ونگ ضلعي شهيد بينظير آباد جي نائب صدر اظهر حسين زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلزسيڪريٽريٽ نوابشاهه ۾ 27 ڊسمبر جي حوالي سان اهم اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 27 ڊسمبر تي ضلعي جي سمورن تعلقن ۽ ننڍن وڏن شهرن مان قافلا ڳڙي خدا بخش روانا ٿيندا جڏهن ته يوٿ طرفان ٻه ڏينهن اڳ ڪارڪنن جو پيادل قافلو ڳڙي خدا بخش پنهنجي منزل تي روان دوان آهي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيدي اظهر حسين زرداري چيو ته 27 ڊسمبر تي نوابشاهه مان 72 گاڏين جو قافلو ڳڙي خدا بخش روانو ٿيندو هن چيو ته شهيد راڻي پنهنجي مُلڪ جي سالميت ۽ بقاءُ لاءِ ۽ جهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جان جو نذرانو ڏنو هن چيو ته وفاق حڪومت ڪورونا وائرس جي آڙ ۾ پ پ جي جلسن تي رُڪاوٽون وجهڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي وئي آهي ۽ 27 ڊسمبر تي ڳڙي خدا بخش ۾ شاندار جلسو ٿيندو جنهن ۾ سڄي ملڪ مان لکين ڪارڪن شرڪت ڪندا

Read Previous

نوابشاهه: ھالاڻي ٿاڻي جي ڳوٺ مير محمد سيال جي رھواسي بابر علي سيال ۽ سھيل احمد سيال نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي

Read Next

ايم ايس ايف ضلعي سانگهڙ ۽ ايم ايس ايف سٽي جي نوجوانن پاران سانگهڙ ۾ قائم ڪيل فري ميڊيڪل ڪيمپ جو افتتاح فنڪشنل مسلم ليگ چيف آرگنائزر ڪاشف نظاماڻي ڪيو

Most Popular