حادثن کان بچڻ لاءِ ڊرائيورن کي ننڊ اچڻ کان روڪيندڙ ڊيوائس پيش

اسلام آباد: نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر وي پوليس طرفان حادثن کان بچڻ جي لاءِ هڪ اهڙي ڊيوائس پيش ڪئي وئي آهي جيڪا گاڏي هلائڻ وقت ڊرائيور کي اک لڳڻ کان روڪي سگهي ٿي.  نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر پوليس جي دعويٰ آهي ته اهو الارم ڊيوائس موٽر وي تي ٿيندڙ حادثن کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڊيوائس ڊرائيور پنهنجي ڪن تي لڳائيندا ۽ ان ۾ سينسر لڳل هوندا آهن ڊيوائس ان وقت ڪنهن الارم جيان وڄندو جڏهن ڊرائيور کي ننڊ ايندي.  هن ديوائس جي آواز الارم جي آواز جيان وڏي آهي ته جيئن ئي ڊرائيور کي ننڊ  اچي ته هو ان کان بچڻ سان گڏوگڏ فوري طور تي سجاڳ ٿي وڃي. موٽر وي پوليس موجب هن ڊيوائس جي قيمت 750 روپيه آهي جنهن کي تمام جلد  عوام لاءِ پيش ڪيو ويندو. موٽر وي پوليس جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته موٽر وي تي روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ حادثن ۾ وڌيڪ حادثا ننڊ اچڻ سبب ٿيندا آهن.

Read Previous

پاڪستان نيوزيلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

مولانا فضل الرحمان سميت 20 سياستدانن جي زندگين کي خطرو آهي : وفاقي وزير شيخ رشيد

Most Popular