مولانا فضل الرحمان سميت 20 سياستدانن جي زندگين کي خطرو آهي : وفاقي وزير شيخ رشيد

اسلام آباد وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت 20 سياستدانن جون زندگيون خطري ۾ آهن ۽ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ سي پيڪ خلاف سازش ٿي رهي آهي ۽ سخت خطرا موجود آهن پر اسان جي فورسز سي پيڪ خلاف ڪنهن ٿريٽ کي ڪامياب ٿيڻ ناهي ڏنو، سياستدانن تي به حملا ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت پاڪستان جي 20 وڏن سياستدانن جي زندگين کي سخت خطرا آهن ۽ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، مولانا فضل الرحمان تي حملي جو خدشو آهي ۽ ان کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته نواز شريف ملڪي ادارن خلاف بيانيو رکي ٿو، ڪو اهڙو آرمي چيف ۽ جج ناهي، جنهن سان هو نه وچڙيو هجي، نواز شريف پنهنجي سياست کي پاڻ دفن ڪيو آهي، کيس درخواست آهي ته ماڻهن کي امتحان ۾ نه وجهي، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ڪندڙ نٿا بچي سگهن، عمران خان اهڙي قانون سازي ڪندو جو ڪو ڪرپٽ نه بچندو. سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان کي درخواست آهي ته ذاتي ويڙهه نه وڙهي، هو ان اسيمبلي کي ناجائز چئي رهيو آهي، جنهن جو هو پاڻ صدارتي اميدوار هو، فضل الرحمان جو ڪو سياسي مستقبل ناهي، سندس خواب ڪڏهن پورو نه ٿيندو. شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن جيڪڏهن عمران خان سان نه ته ڪنهن سان ڳالهائڻ چاهي ٿي، انهن جي سياست ڏسو ميڊيا ميڊيا کيڏي رهيا آهن، هر خاندان ڪمپني جي مشهوري لاءِ هڪ شخص ڇڏيو آهي، مسئلن جو حل اسيمبلين ۾ ئي نڪرندو، سٺو موقعو هوندو ته اپوزيشن پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪري ۽ سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺي، جيڪڏهن اپوزيشن حصو نه ورتو ته عمران خان کي سينيٽ ۾ اڪثريت ملي ويندي.

Read Previous

حادثن کان بچڻ لاءِ ڊرائيورن کي ننڊ اچڻ کان روڪيندڙ ڊيوائس پيش

Read Next

ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت

Most Popular