لاڙڪاڻو : سماجي تنظيم لاڙڪاڻه گرين اسٽارز جي ٽيم طرفان وڻڪاري آگاهي مهم جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ مچ ڪچهري منعقد

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) سماجي تنظيم لاڙڪاڻه گرين اسٽارز جي ٽيم طرفان وڻڪاري آگاهي مهم جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ساڃاهه وندن سميت ڳوٺاڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن دوران سماجي تنظيم طرفان آس پاس جي مختلف ڳوٺن ۾ ٻوٽا پڻ پوکيا ويا. ان موقعي تي پروگرام کي خطاب ڪندي اڳواڻن ذوالفقار مگسي، امان الله ڀٽو، اعجاز مغيري ۽ ٻين چيو ته دنيا ۾ وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ سبب انساني زندگي جهنگلي ۽ آبي جيوت متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي ماحولياتي آلودگي موسمي اثرن کان بچاء لاءِ ساڃاهه وندن کي وڻڪاري آگاهي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو گهڻا وڻ پوکي ماحول جي بقا جي جنگ وڙهڻي آهي. هنن چيو ته وڻڪاري جي اهميت ۽ فائدن جو پيغام هر ڳوٺ هر شھر ۾ پهچائڻ جي ضرورت آهي گهڻن وڻن ذريعي ملڪ کي سرسبز بڻائي ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.

Read Previous

هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اشفاق ابڙو پاران ن ليگ اڳواڻ مريم نواز کي 27 ڊسمبر تي يا ان کان بعد بار ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ دعوت نامو ڏنو ويو آهي

Read Next

لاڙڪاڻو: ڳوٺ مڏا ڏيرا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن طرفان ڏيڍ سال اڳ هٿياربندن هٿان مبينا قتل ٿي ويل چئن ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular