هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اشفاق ابڙو پاران ن ليگ اڳواڻ مريم نواز کي 27 ڊسمبر تي يا ان کان بعد بار ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ دعوت نامو ڏنو ويو آهي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن قادر بخش ڀٽي، ميمبر مينجئنگ ڪميٽي ايڊووڪيٽ عبدالرئوف ڪورائي ۽ ٻين لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اشفاق ابڙو پاران ن ليگ اڳواڻ مريم نواز کي 27 ڊسمبر تي يا ان کان بعد بار ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ دعوت نامو ڏنو ويو آهي ۽ اهڙو دعوت نامو جعلي سحيحن جي بنياد تي جاري ڪيو ويو آهي، ج ڏهن ته دعوت نامي تي 400 وڪيلن جي صحيح ڪئي وئي آهي، جن مان ڪافي وڪيلن ئي نه آهن ۽ نه ئي وري اهي ڪورٽ جا ميمبر آهن ۽ انهي سان گڏ ڪيترن ئي شاگردن جون صحيحون شامل آهن. هنن چيو ته جنرل سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو اهڙو عمل غير آئيني آهي هن بنا ڪنهن جنرل باڊي جي ميٽنگ گهرائڻ ۽ بغير ميمبرن جي اعتماد جي دعوت نامو جاري ڪيو آهي، جڏهن ته مريم نواز ۽ ان جي فيملي پاڪستان اسٽيٽ جي خلاف هميشه ڳالهائيندي رهيا آهن اهي انڊيا ۽ اسرائيل جا ايجنڊ آهن، جيڪڏهن مريم نواز کي لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار ۾ خطاب لاءِ گهرايو ويو ته اسان جي مذاهمت ڪرڻ سان گڏ احتجاج پڻ ڪنداسين تنهن ڪري چتاءُ ٿا ڏيون ته مريم نواز جي خطاب ۽ اهڙي تقريب کي روڪيو وڃي. هنن چيو ته ملڪ اندر سياسي جهيڙو هلي رهيو آهي ۽ اهڙي طرح لاڙڪاڻي ۾ به پي ڊي ايم پاران جلسو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مريم نواز شريف مٿان ڪيترائي نيب جا ڪيس هلي رهيا آهن پوءِ ڪهڙي بنياد تي هن کي هاءِ ڪورٽ بار ۾ خطاب لاءِ گهرايو ويو وڃي، جيڪڏهن اهڙي ڳالھ آهي ته تيغو خان تيغاڻي کي به خطاب لاءِ گهرايو وڃي. هنن چيو ته مريم نواز شريف کي اسان بار ۾ ڪڏهن به اچڻ نه ڏينداسين ته ڇاڪاڻ جو اهو ڪڏهن به نه چاهينداسين ته مريم نواز اچي جڊيشري کي ٿريڊ ڏئي، اهڙو ٿريڊ ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو ۽ اها دعوت سراسر غير آئيني آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به عهديدار کان هن دعوت جي منظوري ناهي ورتي وئي.

Read Previous

خيرپور ناٿن شاهه ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل 144 ملازمن جو بحاليءَ لاء 82هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

Read Next

لاڙڪاڻو : سماجي تنظيم لاڙڪاڻه گرين اسٽارز جي ٽيم طرفان وڻڪاري آگاهي مهم جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ مچ ڪچهري منعقد

Most Popular