نوشهروفيروز : شهيد عزيز ميمڻ جي مک قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر) شهيد عزيز ميمڻ جي مک قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان سياسي سماجي، ادبي ۽ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ شديد نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر محمد يونس راڄپر، مشتاق مري، قاضی ذوالفقار ُگل مورو، زاهد راڄپر، مظهر خاصخيلي، خادم حسين مري، عطا حسین سمون سھیل راجپر غلام مصطفی غلام مرتضی تگر ایم عثمان خانزادہ ۽ ٻين چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي قتل واري واقعي کي 11مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر هن وقت تائين ان جو مک قاتل مشتاق سهتو اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو ڪيترائي ڀيرا ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي آفيس جي اڳواڻي ۾ سنڌ سرڪار جي حڪم تي جي آءِ ٽي جڙي چڪيون آهن پر پوءِ به اصل قاتل کي گرفتار ناهي ڪيو ويو رهندو شهيد صحافي جي ڀائرن ۽ گهرن ڀاتين کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن نه وري کين تحفظ ڏنو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جا سمورا صحافي عزيز ميمڻ واري واقعي تي سراپا احتجاج آهن ان باوجود ان جو نوٽيس اڃا تائين نه ٿو ورتو وڃي. هنن چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي قتل واري واقعي جو سپريم ڪورٽ کي از خود نوٽيس وٺڻ گهرجي تڏهن ئي شهيد جي وارثن کي انصاف ملي سگهندو. هنن چيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي مک قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻو: ڳوٺ مڏا ڏيرا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن طرفان ڏيڍ سال اڳ هٿياربندن هٿان مبينا قتل ٿي ويل چئن ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

نوشهروفيروز : پيپلز هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن پاران نوابشاهه ۾ پ پ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ لقمان چانڊيو تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular