نوشهروفيروز : پيپلز هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن پاران نوابشاهه ۾ پ پ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ لقمان چانڊيو تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز ڊ ر نوشهروفيروز ۾ پيپلز هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن پاران نوابشاهه ۾ پ پ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ لقمان چانڊيو تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ضلعي صدر بخشل خان سهتو , نائب صدر محمد بخش چنا , جنرل سيڪريٽري محمد رحيم مشوري , محمد اسماعيل چنا , صيفل خان ڪنڀر , خان محمد چنا , نورحسن راڄپر , ڊاڪٽر زوهيب مشوري , غلام فريد سولنگي ۽ انور علي مشوري ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لقمان چانڊيو پيپلز هاري ڪاميٽي جو سينيئر ۽ بهادر اڳواڻ آهي جنهن تي حملو ڪري سندس چاچي کي قتل ۽ کيس زخمي ڪيو ويو آهي پر پوليس انتظاميه هن مهل تائين حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ناهي سگهي جيڪا وڏي زيادتي آهي پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا هنن چتاءُ ڏنو نه جيڪڏهن لقمان چانڊيو تي حملي جا جوابدار جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچائي اسان جي اڳواڻ سان انصاف ڪيو وڃي جي نه ٻي صورت سڄي سنڌ اندر هاري ڪاميٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن سراپا احتجاج بڻجي ويندا جنهن جي ذميوار نوابشاهه پوليس انتظاميه هوندي

Read Previous

نوشهروفيروز : شهيد عزيز ميمڻ جي مک قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

لاڙڪاڻي : سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن طرفان پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي ۽ ٿانوَ کڻي پنهنجي ٻارن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular