ڪنب : ڳوٺ احمدآبادٻاڙي شاهنوازواه پل تي هيلٿ ملازذاڪر حسين مهراڻي کان ڪجھ ڏينهن اڳ هٿيارن جي زورتي فرٿيل موٽرسائيڪل موبائل سيٽ روڪ رقم

ڪنڌرا (رپورٽر) ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمدآبادٻاڙي شاهنوازواه پل تي هيلٿ ملازذاڪر حسين مهراڻي کان ڪجھ ڏينهن اڳ هٿيارن جي زورتي فرٿيل موٽرسائيڪل موبائل سيٽ روڪ رقم واپس نہ ٿيڻ تي تعلقہ هيلٿ جي مخلتف بي ايڇ يو جسڪاڻي بي ايڇ يو محمد لائق سيال جي ملازمن ديدار وساڻ سلامت علي سوھو مختيار ڪيريوعبدالستار گوپانگ ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويوانهي موقعي تي اڳواڻي ڳالهائيندي چيو تہ اسان چيف جسٽس آف پاڪستان آء جي سنڌ ايڊيشنل آء جي سکرڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپورميرس اميرسعودمگسي کان مطالبوڪيو تہ هيلٿ ملازم ذاڪرحسين مهراڻي کان هٿيارن جي زور تي فرٿيل سامان موٽرسائيڪل واپس ڪرائي وڃي نہ تہ ٻئي صورت ۾ ملازمن پاران احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو

Read Previous

سڪرنڊ : اوطاقون نه رڳو سنڌ جي سونهن آهن بلڪه امن جا آکاڙا پڻ آهي : اڳواڻ

Read Next

راڻي پور : فيز 12 جي تحت سڀيتا اڪيڊمي راڻي پور ۾ شاگردن شاگردياڻين کي سرڪاري سطح تي 4 مھينن جي اسڪالر شپ ٽيڪنيڪل ڪورس پورو ٿيڻ تي شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

Most Popular