سڪرنڊ : اوطاقون نه رڳو سنڌ جي سونهن آهن بلڪه امن جا آکاڙا پڻ آهي : اڳواڻ

سڪرنڊ ( رپورٽ اڪبرملاح اوطاقون نه رڳو سنڌ جي سونهن آهن بلڪه امن جا آکاڙا پڻ آهن جنهن سان محبتن جي ونڊ ٿئي ٿي اها ڳالھ سنڌ جي مشهور اوطاقي ۽ ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳوڻي وائيس چيئرمين نور احمد لاکي لاکا هائوس تي مڇ ڪچهري ۾ ڳالهائيندي چئي هن چيو ته مچ ڪچهريون به اوطاق جو حصو آهن مچ ڪچهري ۾ ڊپٽي سپريڊنٽ پوليس شهيد بينظيرآباد عبدالطيف پيرزادو مهمان خاص طور شرڪت ڪئي جنهن ڳالهائيندي چيو ته لاکا هائوس جي اوطاق محبتن جو مرڪز آهي جتي روزانو جي بنياد تي مچ ڪچهريون ٿينديون آهن مونکي به هن اوطاق تي اچڻ ۾ مزو ايندو آهي ميزبانن ۽ گڏ ٿيندڙ مهمانن جي ڪڇهري ۽ زماني جو واءُ سواءُ معلوم ڪرڻ جو پڻ موقعو ملندو آهي هلندڙ ڪچهريءَ دوران زاهد حسين ميمڻ قومي عارافانه گيت ڳائي سنگت کان دادوصول ڪيو

Read Previous

لاڙڪاڻي : سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن طرفان پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي ۽ ٿانوَ کڻي پنهنجي ٻارن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

ڪنب : ڳوٺ احمدآبادٻاڙي شاهنوازواه پل تي هيلٿ ملازذاڪر حسين مهراڻي کان ڪجھ ڏينهن اڳ هٿيارن جي زورتي فرٿيل موٽرسائيڪل موبائل سيٽ روڪ رقم

Most Popular